سنڌ حڪومت جا عوام دوست ڪم ڪيترن ئي ماڻهن کان هضم نٿا ٿين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي( اي پي پي) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا عوام دوست ڪم ڪيترن ئي ماڻهن کان هضم نٿا ٿين. تعصب جي عينڪ لاهي ڏٺو وڃي ته کين سنڌ ۾ ترقي نظر ايندي. اها ڳالھه هن ڪالهه پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي. مولا بخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ روڊن جو ڄار ۽ وڏيون وڏيون پلون پيپلز پارٽي جي عوام دوست پاليسي جون آئينو آهن. ٿر جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن ڪڏهن مٺي شهر ڪونه ڏٺو هو اڄ ٿرپارڪر ۽ مٺي شهر جو سفر ڪجهه ڪلاڪن ۾ پورو ٿي ويندو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ٿر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو آهي اهي تعيمر ڪيل روڊ پيپلز پارٽي سنڌ جي ترقياتي ڪمن جا شاهد آهن. اطلاعات بابت صلاحڪار چيو ته ٿر جي هر ضلعي ۾ وڏيون اسپتالون بڻايون ويون آهن سنڌ جي ترقي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وسيع سوچ جو نتيجو آهي. بلاول ڀٽو زرداري هاڻي پاڪستان جي اميد بڻجي بڻجي چڪو آهي. عوام هر ڀيري ثابت ڪيو آهي ته سندن دلين ۾ پي پي پي مخالفن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. پيپلز پارٽي جي مخالفن لاءِ سياسي خوف جو نئون نالو بلاول ڀٽو زرداري آهي ۽ هو سڄي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري صرف پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين ئي نه پر پاڪستاني قوم جي اميد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *