سنڌ حڪومت تي آڱريون کڻڻ بجاءِ عوام کي تڪڙي انصاف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن: نثار کهڙو

ڪراچي(اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ روينيو ريڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيڻ تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ سندس روينيو ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي سربراهه نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ حڪومت تي آڱريون کڻڻ بدران عدالت عوام کي تڪڙي انصاف جي  فراهميءَ لاءِ  قدم کڻي. هن چيو ته آئين سان غداريءَ جي جوابدار پرويز مشرف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ اڄ عوام چئي رهيو آهي ته آئين سان غداريءَ جي جوابدار جي ٻاهرين ملڪ راونگي وفاقي حڪومت ۽ عدالت جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته اها عدالت ئي هئي جنهن ماضيءَ ۾ مارشلائن کي تحفظ ڏنو ۽ بعد ۾ عوام کان معافي ورتي. هن چيو ته سنڌ حڪومت روينيو ريڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جي عمل کي چيلينج سمجهي مقرر مدي اندر روينيو  ريڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جو تاريخي عمل آهي ۽ جنهن جو ڪريڊٽ سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *