سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، چئني صوبن ۾ هڪ جهڙو نظام چاهيون ٿا: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي پر اسان چئني صوبن ۾ هڪجهڙو بلدياتي نظام چاهيون ٿا هن چيو ته هاڻي هي وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها قدم وڌائي سنڌ حڪومت مناسب نوٽيس تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي 101هين قومي مئنجمينٽ ڪورس ۾ شامل ٿيندڙن جي سوالن جو جواب ڏيندي ڪيو. جيڪو سومر تي ڪراچي جي دوري تي سنڌ حڪومت جي آفيسرن سان ملڻ سنڌ سيڪريٽريٽ آيل هو وڏي وزير دوري تي آيل آفيسرن کي ٻڌايو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن بلدياتي نظام جي حوالي سان قانونسازي جي عدالت ۾ به يقين دهاني ڪرائي ويئي هئي ته سنڌ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ بلڪل تيار آهي ۽ ان حوالي سان تڪبندي به ڪرائي ويئي پر ڪنهن هن معاملي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ تائين ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي. اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ سنڌ حڪومت ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ 2010 ۾ منظور ٿيو هو پر بدقسمتي سان اسان کي 2010 ۽ 2011 ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ ۽ برسات جهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اسان کي مجبورن ترقياتي فنڊ جي وڏي حصي کي بحالي جي ڪمن تي خرچ ڪرڻو پيو هن چيو ته 2010 جي ٻوڏ دوران اسان 70 لک ٻوڏ متاثرن جڏهن ته 2011 جي برساتن ۾ 90 لک متاثرن جي مدد ڪئي ۽ انهن جي ٻيهر بحالي ڪرائي. هن چيو ته گذريل سال اسان ٿرپارڪر جي علائقي ۾ ڏڪار سٽيل ماڻهن ۾ اڃا تائين مفت ڪڻڪ ورهائي رهيا آهيون ۽ صرف هلندڙ سال ۾ به 1.2 ارب رپين جي ڪڻڪ مفت ورهائي آهي هن چيو ته انهن قدرتي آفتن جي باوجود سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي ۽ گذريل مالي سال ۾ اسان 227 ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *