سنڌ حڪومت بجلي جي ورهاست جو نظام پاڻ هلائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت بجلي جي ورهاست جو نظام پاڻ هلائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندي، سنڌ حڪومت حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني حيسڪو ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيپڪو) به وٺڻ جي لاءِ تيار آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جواب جي وٿي دوران ڪيترن ئي ميمبرن جي تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيڻ دوران ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته بجلي جي ورهاست جو معاملو آئين جي تحت صوبن کي منتقل ٿي چڪو آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت سان ڪو سٺو معاهدو ٿيو ته اسان انهن ڪمپنين جو ڪنٽرول به سنڀالينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي بجلي جي بحران جو حل سنڌ مان ٿيندو.  سنڌ ۾ توانائي جا گهڻا وسيلا آهن، ٿر جي ڪوئلي جي بجلي مان توانائي جون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون، هتي تمام وڏو ونڊ ڪوريڊور به موجود آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سولر انرجي منصوبن لاءِ بهترين آهن. سنڌ ۾ ونڊ انرجي جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 100 ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبن تي به ڪم هلي رهيو آهي، اسان اها بجلي 5 شهرن ۾ مقامي طور تي ورهائينداسين. هن چيو ته نوري آباد ۾ گيس تي هلندڙ 100 ميگاواٽ جا 2 پاور پلانٽ پڻ ٺهي رهيا آهن، اسان اها بجلي ڪي اي ايس سي کي سنئون سڌو سپلاءِ ڪنداسين. هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي اهو خط لکي رهيا آهيون ته ڪي اي ايس سي کي 650 ميگاواٽ بجلي جاري رکي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته لاکڙا ڪول پاور  پلانٽ جا 3 يونٽ آهن انهن مان 2 خراب پيا آهن جڏهن ته هڪ جزوي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي، جتا صرف 15 کان 20 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. هن چيو ته لاکڙا ۾ هڪ ارب 32 ڪروڙ ٽن ڪوئلي جي ذخيرا موجود آهن، اتي واپدا پاران لاکڙا ڪول پاور پلانٽ نصب ڪيو ويو هو، جنهن جي پيداواري گنجائش 150 ميگاواٽ هئي پر ان کان گهٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ان کان علاوه ميسرز فتح ٽيڪسٽائيل ملز کي 8625 ايڪڙ ايراضي 30 سالن جي ليز تي ڏني وئي هئي اها ليز رد ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت 16 هزار ايڪڙ ايراضي تي پاڻ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 300 ميگاواٽ جا پاور پلانٽ لڳائيندي. هن چيو ته اولهه جي ملڪن ۾ ماحولياتي تحفظ جي ڪري ٿر ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ کان گهٻرائي رهيا آهن، چين اتي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو، اسان ان سان گڏ منصوبا مڪمل ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *