سنڌ حڪومت اڄ ڪراچي ۾ موبائيل فون سروس بند رکڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مزار قائد تي جلسي ۾ وڏي تباهي جي خدشي سبب سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ موبائيل فون سرڪس بند رکڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي ذريعن موجب 18 آڪٽوبر تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي مزار قائد لڳ جناح گرائونڊ ۾ جلسي جي حوالي سان پوليس ايمرجنسي سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو آهي جڏهن ته دهشتگردي جي خطري سبب صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جي منظوري ڏيندي وفاق کي ان حوالي سان درخواست اماڻي ڇڏي آهي. پوليس پلان موجب جلسي ۾ آپگهاتي حملن جو خدشو آهي تنهنڪري جلسي اندر موبائيل فون ۽ پاڻي جون بوتلون آڻڻ تي پابندي هوندي پوليس ذريعن موجب آپگهاتي حملي جي خطري سبب جلسي جي ڀرپاسي 30 ايمبولينس موجود هونديون جڏهن ته 5 ايمبولنس ۽ 2 فائر ٽينڊر وي آءِ پي پارڪنگ ۾ موجود هونديون هڪ هيليڪاپٽر به اسٽينڊ باءِ هوندو پيپلزپارٽي جي جلسي لاءِ سنڌ پوليس جا 22 هزار 500 اهلڪار سيڪيورٽي جون ذميواريون نڀائيندا جڏهن ته سنڌ ريزرو پوليس ۽ رينجرز جا واڌو اٽالا پڻ گهرايا ويا آهن جڏهن ته 27 پارڪنگ جون جايون ٺاهيون ويون آهن جلسي ۾ 110 واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويندا جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي مدد سان جلسي گاهه جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي ميڊيا کي جلسي دوران ڊرون ڪئميرا اڏائڻ جي اجازت نه هوندي جناح گرائونڊ جي ڀرپاسي ڪنٽينر رکي جلسي واري هنڌ جي سيڪيورٽي سخت ڪئي ويئي آهي جڏهن ته هن کان اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران حساس علائقن ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيو ويو ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پوليس غلام قادر ٿيٻو سيڪيورٽي جي ذميواريون نڀائيندو ان کان علاوه ٽريفڪ پوليس به ٽريفڪ جي روانگي ۽ پارڪنگ لاءِ پلان تيار ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي جلسي سبب جمعي جي شام نمائش چورنگي کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *