سنڌ حڪومت ايل اين جي گهرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت پاران قطر مان گهرايل ايل اين جي تي اعتراض واريا آهن، وڏي وزير چيو آهي ته ايل اين جي قدرتي گئس کان گهٽ معياري ۽ مهانگي آهي، ان کي پنجاب يا ٻين علائقن ۾ استعمال ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي صوبي مان نڪرندڙ گئس ڏني وڃي. وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ايل اين جي گهرائڻ تي کين اعتماد ۾ نه ورتو. هن چيو ته ايل اين جي مهانگي هئڻ سان گڏ ان جي ڪوالٽي به قدرتي گئس کان گهٽ آهي. وڏي وزير چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايل اين جي جو معاملو اٿاريو هو پر ايجنڊا ۾ نه هئڻ سبب ان تي ڌيان نه ڏنو ويو. سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ سان انصاف ڪندي صوبي مان نڪرندڙ گئس ڏني وڃي ۽ وفاق پاران گهرايل ايل اين جي ڀلي پنجاب يا ٻين علائقن ۾ استعمال ڪئي وڃي. سيد قائم علي شاهه چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هر ٽن مهينن بعد ٿيڻ گهرجي. سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته ايل اين جي گهرائڻ جي فيصلي تي 70 سيڪڙو گيس پيدا ڪندڙ سنڌ صوبي کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو ان فيصلي تي سنڌ حڪومت سان ڪا مشاورت به نه ڪئي وئي ايل اين جي جي ورهاڱي ۽ ان جون قيمتون مقرر ڪرڻ جوبه ڪو فارمولو طئه ناهي ڪيو ويو سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ايئن لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت مهانگي اگهه تي خريد ڪيل ايل اين جي سنڌ کي وڪرو ڪندي پر هو ائين ٿيڻ نه ڏيندا، ايل اين جي جي خريد ۽ وڪري جي مسئلي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو ويو پر ان جو ڪوبه جواب نه مليو ان موقعي تي صوبائي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ايل اين جي ۽ مقامي گيس کي مڪس ڪري وڪرو ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي جنهن سان اسان جو گيس اسان کي ئي مهانگو ملندو وفاقي حڪومت جي ان ناانصافي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *