سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو دنگل اڄ ٿيندو، 81 يوسيز ۾ چونڊ ملتوي

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽانِ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ 14 ضلعن ۾ پولنگ اڄ ٿيندي، جملي طور 5 هزار کان وڌيڪ سيٽن لاءِ 14 هزارن کان وڌيڪ اميدوارن وچ ۾ دنگل آهي، اليڪشن ڪميشن سمورو چونڊ سامان ريٽرنگ آفيسرن کي فراهم ڪري ڇڏيو آهي، بدين ۾ ڇڪتاڻ سبب فوج ۽ رينجرز پهريائين مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ٻين 13 ضلعن ۾ فوج مقرر آهي، مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 19 نومبر تي صوبي جي 15 ضلعن ۾ پولنگ ٿيڻي هئي، سيڪيورٽي خدشن سبب سانگهڙ ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، هاڻ صوبي جي 14 ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي، جن ۾ حيدرآباد، سجاول، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، نوشهرو فيروز، ڄامشورو، دادو، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر شامل آهن، اليڪشن ڪميشن مطابق جملي 5875 سينٽن لاءِ 15208 اميدوار ميدان ۾ هئا جن ۾ 1134 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن هاڻ 56 سئو کان وڌيڪ سيٽن لاءِ 14 هزارن کان وڌيڪ اميدوارن وچ ۾ دنگل آهي، هن مرحلي ۾ ٽائون ڪميٽين جا ڪونسلز، ميونسپل ڪميٽين جا ڪونسلر، ضلعي ڪميٽِين جا ڪونسلر، يو سي چيئرمين، يو سي وائيس چيئرمين، يو سي وارڊ ڪونسلر، يونين ڪميٽي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ يونين ڪميٽي وارڊ ڪونسلرز جي چونڊ ٿيندي، جملي طور 6461 پولنگ اسٽيشن ۽ 13776 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، 22 سئو کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشن نهايت حساس، 2550 حساس ۽ 17 سئو پولنگ اسٽيشن نارمل قرار ڏنيون ويون آهن، بدامني جي خطري سبب جملي طور 57 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ 24 سئو کان وڌيڪ فوجي اهلڪار، 4 هزار کان وڌيڪ رينجرز ۽ 51 هزار پوليس اهلڪار شامل آهن. بدين کي نهايت حساس قرار ڏنو ويو آهي، جملي طور 71 لک کان وڌيڪ ووٽر ووٽ ڏيندا، جملي طور 65 هزار کان وڌيڪ چونڊ عملو نگراني ڪندو، پولنگ خميس تي صبح ساڍي 7 وڳي کان شام ساڍي 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي مئجسٽريٽ اول درجي جا اختيار ڏنا ويا آهن جيڪي قانون جي خلاف وزري ڪندڙن خلاف ٿڏي تي ڪارروائي جو اختيار رکن ٿا، سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ پ پ جي ڀرپور ڪاميابي کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ پ پ کي مختلف ضلعن ۾ سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو آهي، سڀ کان وڌيڪ مزاحمت وارو ضلعو بدين آهي جتي پ پ جي باغي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي سربراهي ۾ هڪ مضبوط اتحاد جوڙيو آهي ۽ جهيڙي جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن تڪبندين بابت عدالتي فيصلي جي روشني ۾ سنڌ جي 81 لوڪل ڪائونسلن ۾ سڀاڻي ٿيندڙ مڪاني چونڊون روڪي ڇڏيون آهن، اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي اجلاس کانپوءِ ميڊيِا کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري بابر يعقوب ٻڌايو ته تڪبندين جي حوالي سان عدالتي فيصلي جي روشني ۾ سنڌ جي 81 لوڪل ڪائونسلن ۾ سڀاڻي ٿيندڙ مڪاني چونڊون روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته متاثر علائقن ۾ 15 ڏينهن اندر نئين سر تڪبنديون ڪيون وينديون ۽ ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي چيو ويندو ته ان حوالي سان قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي. بابر يعقوب ٻڌايو ته سنڌ جي جن ضلعن ۽ شهرن ۾ يونين ڪائونسلن جون چونڊون روڪيون ويون آهن، انهن ۾ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد(نوابشاهه)، نوشهروفيروز، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ڄامشورو ۽ ٽنڊو الهيار شامل آهن، سندس چوڻ هو ته فيصلي مطابق سڀاڻي شهيد بينظيرآباد جي ٻن ۽ نوشهري فيروز جي 17 يوسيز ۾ چونڊون نه ٿينديون، اهڙي ريت ميرپورخاص جي شجاع آباد ۽ ٿررپاڪر جي ميونيسپل ڪميٽي جي چونڊ روڪي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري مطابق ٿرپارڪر جي 6 يونين ڪائونسلن ۽ ٽنڊوالهيار سوڌو حيدرآباد ڊويزن جي ٻن ميونپسل ڪميٽيتن تي چونڊ روڪي وئي آهي، هن ٻڌايو ته ڄامشوري ۾ ٽن ۽ بدين ۾ 5 يونين ڪميٽين تي سڀاڻي چونڊ نه ٿيندي، بابر يعقوب مطابق گڏيل طور ميرپورخاص جي 25، حيدرآباد جي 24 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي 32 لوڪل ڪائونسلن ۾ مڪاني چونڊ روڪي وئي آهي هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ 81 يونين ڪائونسلز ۾ چونڊون نه ڪرائڻ واري فيصلي کي تڪراري چئي ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي نياپي ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ يونين ڪائونسلز جون چونڊون روڪڻ تڪراري قدم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *