سنڌ جي گورنر صولت مرزا جا الزام رد ڪري ڇڏيا، استيفيٰ جون افواهون به رد، مستعفي نه پيو ٿيا: عشرت العباد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ جي ترجمان صولت مرزا جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گورنر عشرت العباد جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گورنر اڄ تائين ڪنهن به جوابدار کي تحفظ ناهي ڏنو، چاهي ان جو تعلق ڪهڙي به پارٽي سان هجي گورنر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گورنر کي ڏوهارين کي تحفظ ڏيڻ ۽ ڇڏرائڻ جا اختيار ئي ناهن هوندا، صولت مرزا جا الزام ڪوڙا  آهن. هن چيو ته گورنر اڄ تائين ڪنهن به جوابدار کي تحفظ ناهي ڏنو، نه ئي ڪڏهن ڪنهن ڏوهاري کي تحفظ ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي گورنر پاران استعيفيٰ ڏيڻ جون افواهون ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، نجي ٽي وي موجب سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد استعيفيٰ ڏيڻ تي غور ڪري رهيو آهي، هو استعيفيٰ بابت لاڳيتو وفاقي حڪومت سان رابطي ۾ آهي. ٻئي پاسي سينيئر صحافي ادريس بختيار سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر جو چوڻ هو ته هُن استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد چيو ته استعيفائن جي افواهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، عهدو نه پيو ڇڏيا، استعيفيٰ جو سوال پئدا نه ٿو ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *