سنڌ جي پارلياماني پارٽيز جو مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ جي سمورين پارلياماني پارٽيز صوبي ۾ بلدياتي چونڊون روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو، سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چونڊون روڪرائڻ بابت تيار ڪيل سفارشون به اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻيون ويون، حڪومت به مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب اي جي سنڌ طرفان عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي، سنڌ ۾ 26 جون تي پهرئين مرحلي ۾ بلدياتي چونڊن بابت شيدول جاري ٿيل آهي،  پ پ، متحده، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ سوڌو ٻين پارٽيز چونڊون في الحال ملتوي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو هو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *