سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي فون، دهشتگردن خلاف ويڙهه ۾ فوج سان گڏ آهيون: پيپلز پارٽي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي دهشتگردن خلاف ويڙهه ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهي،سندس چوڻ هو ته اسان جي پنهنجي پارٽي دهشتگردن هٿان شهيد ٿي آهي، اسان ڪئين ٿا انهن کي وساري سگهون.بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ڪور ڪمانڊر جنرل نويد مختيار کي فون ڪري ملٽري پوليس واقعي تي شهيد اهلڪارن جي  تعزيت  ڪئي ۽ ڏک جو اظاهر ڪيو سندس چوڻ هو ته  اهڙي قسم جا بزدلاڻا حملا فوج ۽ قوم کي ڊيڄاري يا ڪمزور ڪري نٿا سگهن. پاڪستان جو دشمن اسان جو دشمن آهي،انهن جي خلاف هي ويڙهه وڙهنداسين. بلاول ڀٽو شهيد جوانن کي عقيدت جي ڀيٽا ڏني. فوجي جوانن جي شهادت تي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو لياري وارو دورو روڪي ڇڏيو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار کي ٽيليفون ڪيو آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير ڪورڪمانڊر ڪراچي سان ملٽري پوليس جي اهلڪارن جي شهادت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪورڪمانڊر ڪراچي کي جانچ بابت حڪم کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير واقعي تي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *