سنڌ جي وڏي وزير پاران سوڀي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار، ڪامريڊ تاريخ جو امين هو: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪامريڊ سوڀو سنڌ جي تاريخ جو امين هيو، سندس لاڏاڻو سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وڇوڙي کي سنڌ لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. سيد قائمعلي شاه چيو آهي ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو امين هو، ڪامريڊ جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو.. وڏي وزير چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *