سنڌ جي وڏي وزير ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم عيل شآهه ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي شهر ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشڻ کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي سربراهي ۾ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل اءِ جي ڪراچي سميت ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ صوبائي وزير به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪراچي ۾ امن امان ۽ خاص طور تي لياري جي صورتحال تي غور ڪيو ووي جڏهن ته ان دوران آءِ جي سنڌ وزيراعليٰ کي امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لياري ۾ 2 گروپ پنهنجي جنگ وڙهي رهيا آهن علائقي ۾ 132 ڏوهاري ماڻهو مقابلي ۾ مارجي ويا آهن جڏهن ته علائقي ۾ پهرئين جي ڀٽ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ ۽ صوبائي وزيرن ڪراچي۽ لياري ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻٽي جو اظهار ڪيو جڏهن ته آءِ جي سنڌ طرفان بريفنگ تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اسان کي بريفنگ جي ضرورت ناهي شهر ۾ مڪمل طور تي امن ڏسڻ چاهيون ٿا ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جا مڪمل نتيجا حاصل ناهن ٿيا ان لاءِ شهر ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ڪراچي ۽ خاص طور تي لياري ۾ ڏوهاري ماڻهو ۽ دهشتگرد ايندا آهن جنهن سبب دهشتگردي سبب متاثر آهيون ان لاءِ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ فوسز جي هر صورت ۾ مدد ڪئي وڃي سنڌ جي وڏي وزير شهر ۾ امن امان لاءِ فورسز جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته امن جي قيام لاءِ فورسز قربانيون ڏنيون ۽ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي پر ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي اجلاس ۾ لياري جي خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي علائقي ۾ وڌيڪ 5 نوان ٿاڻا قائم ڪرڻ ۽ شهر جي حساس ٿاڻن ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي ملندڙ خصوصي الائونس ۾ به اضافي جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته لياري جي ترقياتي ڪمن لاءِ 50 ڪرور روپيا فوري طور تي جاري ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *