سنڌ جي وڏي وزير شرجيل ميمڻ کان وزارتون واپس وٺي ڇڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کان وزارتن جا قلمدان واپس وٺي ڇڏيا. ذريعن مطابقسنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کان وزارتن جا قلمدان واپس وٺي ڇڏيا آهن، جن جو باقائدا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. شرجيل ميمڻ  وٽ ورڪس اينڊ سروسز ۽ آرڪائيو جا کاتا هئا، جڏهن ته  هو ڊگهي وقت کان پرڏيهه ۾ رهي رهيو آهي.واضع هجي ته سنڌ حڪومت شرجيل ميمڻ کان سڌ سماءُ جي وزارت جو قلمدان واپس وٺندي ورڪس اينڊ سروسز ۽ آرڪائيو جا قلمدان ڏنا هئا، جڏهن ته شرجيل ميمڻ جو نالو گهرو وزارت پاران اي سي ايل ۾ به شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *