سنڌ جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب بڻائڻ لاءِ ف ليگ ۽ پرويز مشرف سرگرم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه خلاف بي اعتمادي جي رٿ قائم بڻائڻ لاءِ مخالف ڌر جوڙ توڙ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اڳوڻو صدر پرويز مشرف به سرگرم ٿي ويو آهي. جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ پاران پڻ بي اعتمادي جي رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سرگرميون  تيز ٿي ويون آهن ۽ مختلف اڳواڻن سان رابطا تيز ڪيا ويا آهن.  جڏهن ته آل پاڪستان مسلم ليگ جي چيئرمين اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ايم ڪيو ايم جي وفد خميس ڏينهن هتي سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن تي سميت وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ تي پڻ ويچاريو ويو. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ حيدر عباس رضوي، فاروق ستار، بابر غوري، فروغ نسيم ۽ خالد مقبول صديقي شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، سنڌ جي سيڪيورٽي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ويچاريو ويو. ملاقات ۾ سينيٽ چونڊون گڏجي وڙهڻ متعلق اهم معاملا طي ڪيا ويا. پرويز مشرف ايم ڪيو ايم کي پنهنجي سياسي پارٽي سميت فنڪشنل ليگ ۽ ٻي پارٽي تي مشتمل سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف وڏي سياسي اتحاد جي معاملن تي به تفصيلي آگاهه ڪيو. هوڏانهن متحده قومي موومينٽ جي وفد پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ سينيٽ چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار، بابر غوري، خالد مقبول صديقي، فروغ نسيم ۽ رئوف صديقي راجا هائوس ۾ پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ سنڌ جي مسئلن جو حل چاهيون ٿا اپوزيشن اتحاد کي ۽ سنڌ جي سياست کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته پرويز مشرف سان پراڻن لاڳاپن سبب معمول جي ملاقات ٿي آهي، ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ پير صدرالدين شاهه راشدي چيو ته اپوزيشن متحد آهي ۽ سٺا نتيجا ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *