سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، يئلولائين بس پروجيڪٽ تي بريفنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم سان لاڳاپيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يئلو لائين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، منصوبي تي 13 ارب روپيا خرچ ٿيندا. سنڌ جي وڏي وزير اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ ممتاز جکراڻي ۽ ٻيا آفيسر شامل هئا، فيڊرل گورنمنٽ جو بس ريپڊ ٽرانزٽ گرين لائين جي  اڳواڻ صالح فاروق به اجلاس ۾ شامل هو.اجلاس ۾ شامل آفيسرن کي يئلولائين جو ڪوريڊور 26 ڪلو ميٽر ڊگهو هوندو، پروجيڪٽ چيني ڪمپني جي سهڪار سان ٺهندو، پروجيڪٽ تي 13 ارب روپيا خرچ ايندا. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته يئلو لائين ۾ هڪ لک 25 هزار ماڻهو روزانو سفر ڪري سگهندا. منصوبي مطابق يئلو لائين پروجيڪٽ 2017ع تائين مڪمل ڪيو ويندو،  سندس چوڻ هو ته پروجيڪٽ جو روٽ ڪورنگي، ڄام صادق پل، ايف ٽي سي، شاهراه فيصل، شاهراهه قائدين ۽ پيپلز پارٽي سيڪريٽريٽ کان صدر تائين هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *