سنڌ جي وڏي وزير جو وزيراعظم کي خط، وفاقي بيوروڪريسي ۾ ڪوٽا تحت مقررين جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي ڪاموراشاهيءَ ۾ سنڌ جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي وفاقي بيوروڪريسيءَ ۾ سنڌ کي آئين ۾ مقرر ڪيل ڪوٽا ۽ آباديءَ سان حساب سان جائز حق ڏيڻ جي گهــُر ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي شڪايت ڪئي آهي ته وفاق ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هئڻ برابر آهي. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته وفاق ۾ وفاقي ڪامورا شاهي ۾ سنڌ کي آئين ۾ مقرر ڪيل ڪوٽا ۽ آبادي تحت حق ڏنا وڃن. وڏي وزير اهو به مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ صوبي جي اهل آفيسرن جي وفاق ۾ مقرري نه روڪي وڃي، سنڌ کي وفاقي سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري وارين پوسٽن ۾ به حق ڏنا وڃن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ ڪري کين مايوسي ٿي آهي. واضح رهي ته وفاق جي مختلف ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا نظرانداز ٿيڻ سبب هزارين عهدن تي ٻين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *