سنڌ جي ورهاڱي خلاف هڙتال ڪامياب ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽر، تاجر، ۽ سمورا طبقا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ ورهائڻ جي مطالبي جي خلاف اڄ خميس 23 آڪٽوبر تي سڄي صوبي ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽرڊائون هڙتال ڪامياب ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽر تاجر ۽ سمورن طبقن جا پرامن ماڻهو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جو لازمي حصو ۽ اسان جا ڀائر آهن پر ايم ڪيو ايم عالمي ۽ گروهي مفادن جي لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ناپاڪ سازش تي عمل ڪري رهي آهي سنڌ جون سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ 6 ڪروڙ مان جيستائين ڪوئي به هڪ زنده آهي عالمي طاقتون ۽ ان جا ايجنٽ پنهنجن ناپاڪ خواهشن ۽ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. هو قاسم آباد ۾ پليجو هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو جنهن ۾ عبدالقادر وانٽو، انور سومرو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو ٻڌايو ته سمورين قومپرست سياسي ديني جماعتن خميس جي هڙتال جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ايتري قدر جو پيپلزپارٽي جا ڪيترائي اسيمبلي ميمبر ۽ عهديدارن به اسان سان رابطو ڪري هڙتال ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي آهي هن چيو ته اسان ٽڪراءُ ۽ اسلحي جي سياست جي خلاف آهيون هي هڙتال مڪمل پرامن هوندي ۽ ڪٿي ڪنهن گاڏي جو شيشو به نه ٽوڙيو ويندو هن چيو ته جڏهن به پيپلزپارٽي جي حڪومت سان وزارتن اختيار ڀرتين ۽ فنڊن تي ڪوئي جهيڙو ٿيندو آهي ته ڪائي ٻي سياسي جماعت ايم ڪيو ايم جي ووٽ بئنڪ لاءِ سياسي طور تي خطرو بڻجندي آهي يا الطاف حسين جي خلاف لنڊن ۾ ڪيسن ۾ اڳڀرائي ٿيندي آهي. ڪراچي ۾ ڪي خاص ڏوهاري ماڻهو پڪڙيا وڃن ٿا ته ايم ڪيو ايم فوري سنڌ جي وحدت تي سواليه نشان بنائڻ لاءِ نئون صوبو ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي آهي هن چيو ته اسان جي ايم ڪيو ايم جي قيادت کي اپيل آهي ته هو هن وقت جڏهن ملڪ مختلف بحرانن جو شڪار آهي سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهين کان پاسو ڪري هي نهايت حساس معاملو آهي ۽ سنڌ جو عوام اها ڳالهه ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهي هن چيو ته فاروق ستار حيدرعباس رضوي فيصل سبزواري ۽ ٻين اڳواڻن کي به گهرجي ته اهي ايم ڪيو ايم جي قيادت تي دٻاءُ وجهن ته هو پنهنجي ان پاليسي کي تبديل ڪري هن چيو ته حقيقت ۾ ايم ڪيو ايم جا پاڪستان ۾ عهديدار ۽ اسيمبلي ميمبر به جڏهن لنڊن مان خطاب شروع ٿيندو آهي ته مايوس ٿي ويندا آهن جيڪا مايوسي سندن منهن مان نظر ايندي آهي ته خدا نه ڪري ته کين ڪنهن نئين مصيبت ۾ ته نه وڌو ويندو هن چيو ته ايم ڪيو ايم ترقي لاءِ ننڍا يونٽ قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پر ڪراچي جي ٻه ڪروڙ جي آبادي ۾ هو ضلعا بنائڻ جي خلاف آهي ۽ هيٺين سطح تي اختيار منتقل نه ٿيڻ ڏيڻ گهري ٿي اختيارن جي مرڪزيت جي قيام لاءِ ڪراچي کي هڪ يونٽ رکڻ جو مطالبو ڪري ٿي جڏهن ته حيدراباد کي پنهنجنم فادن لاءِ هن چئن ضلعن ۾ ورهائي ڇڏيو هن چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته صوبي ۾ بلدياتي چونڊون جلد ڪرايون وڃن ۽ اختيار چونڊيل نمائندن کي ڏنا وڃن اياز لطيف پليجو چيو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي پر اتان جي سياسي پارٽين گڏيل اختلافن جي باوجود ڪڏهن به ان جي وحدت کي ٽوڙڻ جو مطالبو ناهي ڪيو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بلوچستان کان به ٻيڻي ايراضي جا صوبا قائم آهن اياز لطيف ليجو الزام هنيو ته ايم ڪيو ايم حقيقت ۾ عالمي ايجنٽي تحت سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو آهي پهريان هو ضلعي حڪومت جي ذريعي گرفت حاصل ڪرڻ گهري ٿي پوءِ الڳ صوبي جي ڳالهه ڪئي ويندي جنهن ۾ سنڌ ۽پاڪستان ٽوڙڻ جي قرارداد منظور ڪرائي ويندي هن چيو ته حقيقت ۾ ايم ڪيو ايم باقي تمام سياسي قوتون ۽ زبانون ڳالهائيندڙن کي پنهنجو غلام رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ هو نئون صوبي جو نالو جناح پور، الطاف نگر يا ڪجهه ٻيو به رکي سگهي ٿي هن چيو ته ايم ڪيو ايم کان هي به پري نه آهي ته هو پنهنجي نئين صوبي ۾ گرفت مضبوط ڪرڻ کان پوءِ قرارداد منطور ڪري اقوام متحده نيٽو ۽ آمريڪا ۽ برطانيا کي اپيل ڪري ته اهي کين تحفظ ڏيڻ لاءِ مداخلت ڪن هن چيو ته حقيقت ۾ پاڪستان کي ٽوڙي هن خطي ۾ هڪ نئون اسرائيل قائم ڪرڻ جي جنگ جاري آهي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪيو پيو وڃي هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙ اسان جو حصو آهن جيئڻ مرڻ اسان سڀني جو گڏ آهي 1987 کان پهريان جي صورتحال تي غور ڪيون ته ڇا ان وقت به حالتون اهڙيون هيون ۽ ايم ڪيو ايم جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ڪهڙِ تبديلي آئي آهي هن چيو ته عبدالستار افغاني پروفيسر غفور احمد مولانا شاهه احمد نوراني ۽ اردو ڳالهائيندڙ ٻين اڳواڻن جي دور سياست ۾ به ڇا ايئن ئي ٻوري ۾ بند لاش ملندا هئا جهڙوڪ گذريل 20 سالن کان ملي رهيا آهن ڇا اردو ڳالهائيندڙن مائرن جا هنج اهڙي طرح اجاڙيا ويندا هئا حڪيم محمد سعيد، مدير تڪبير محمد صلاح الدين ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق ڇا هي سڀ مهاجر يا اردو ڳالهائيندڙ نه هئا هن چيو ته خدا جي واسطي پيپلزپارٽِ ۽ ايم ڪيو ايم ذاتي مفادن جي ٽڪراءُ ۾ سنڌ جي وحدت کي سواليه نشان نه بڻائين عالمي طاقتون سنڌ ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪري هتي به بلوچتان جهجڙيون حالتون پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون ته جيئن رتوچاڻ ٿئي ان لاءِ اهي مقامي ايجنٽن کي مقرر ڪري رهيون آهن هڪ سوال تي اياز لطيف پليجو چيو ته عالمي طاقتن جي ايجنڊا تي به عمل ٿي رهيو آهي ۽ ٻنهي پارٽين جي مفادن جو ٽڪراءَءُ به آهي حقيقت ۾ ڪرپشن جي ذريعي ڦرلٽ ڪري پنهنجي دولت ۽ پنهنجن خاندانن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ به هن سازش ۾ ملوث عنصرن کي پرڏيهي طاقتن جي سرپرستي جي ضرورت آهي ته جيئن اهي کين پناهه ڏيئي سگهن ان سوال تي ته اوهان ڪهڙي بنياد تي ايم ڪيو ايم جي خلاف سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جو الزام مڙهي رهيا آهيو اياز لطيف پيلجو چيو ته مون وٽ ڪنهن پرڏيهي طاقت جي ڪائي لکيل تحريڪ ته نه آهي پر ٺوس ثبوتن مان ضرور اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۾ نيٽو جو اسلحو کڻندڙ سوين ڪنٽينر غائب ٿي ويا اعليٰ پوليس عملدارن ۽ رينجرز به عدالت ۾ ان جي تصديق ڪئي نيٽو به پهريان ان کي تسليم ڪيو ۽ بعد ۾ انڪار ڪري ڇڏيو اهڙي طرح ڪراچي ۾ هو انڊين اسلحو وڌي مقدار ۾ هٿ ڪيو ويو جيڪو ڀارتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي استعمال هيٺ آهي. هي به ڏسي سگهجي ٿو ته ڪهڙي تنظيم جي سفارش تي آمريڪا برطانيا ۽ يورپ جي ملڪن جي ويزا بنا رنڊڪ جاري ٿي رهي آهي ۽ ان لاءِ هدايتون ڪٿان اچن ٿيون آمريڪي برطانوي ۽ يورپي سفارتڪار نائين زيرو جا ڇو چڪر ڪاٽيندا رهيا آهن الطاف حسين جي خلاف مني لانڊرنگ سميت سنگين مقدمه هئڻ جي باوجود کين 20 سالن کان برطانيا پنهنجي پناهه ۾ رکي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *