سنڌ جي ورهاڱي بابت سوچڻ کي به پ پ ڏوهه سمجهي ٿي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته پ پ سنڌ جي ورهاڱي بابت سوچڻ کي ڏوهه سمجهي ٿي ۽ سنڌ ۾ مستقل رهندڙن کي سنڌي سمجهون ٿا. ڪراچي ۾ پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي مولا بخش چانڊئي چيو ته هٿ کڻي ووٽ ڏيڻ سان ايم ڪيو ايم جي پريشاني ۾ گهٽتائي ايندي اهڙي بل تي متحده جو احتجاج اجايو آهي. هن چيو ته متحده سان جنگ نه پر اختلاف آهن . مولا بخش چانڊيو چيو ته ٿر جي صورتحال انساني معاملو آهي ان تي اجائي دانشوري نه ڪرڻ گهرجي. صوبائي صلاحڪار چيو ته پ پ حڪومت خلاف اجائي واويلا ڪئي وڃي ٿي ۽ ميڊيا کي امن امان ۾  وفاق جي ناڪامي نظر ڇو نٿي اچي.مولا بخش چانڊيو چيو ته نواز شريف جي جن به پارٽين دوستي هوندي آهي انهن خلاف گهٽ ڳالهائيندو آهي ۽ ميان صاحب طالبان خلاف به نه ڳالهائيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *