سنڌ جي نئين آءِ جي اي ڊي خواجه چارج سنڀالي ورتي، گارڊ آف آرنر پيش

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ پوليس جي نئين آءِ جي الهه ڏنو خواجه چيو آهي ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو آفيسر صرف ڏوهن جي انت تي خاص ڌيان ڏين اي ڊي خواجه سومر تي آءِ جي سنڌ جي حيثيت سان چار سنڀالي ان موقعي تي کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو آءِ جي سنڌ پوليس الهه ڏنو خواجه عهدو سنڀاليندي ئي ماتحت آفيسرن ۽ اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته ڪرپشن ۽ بدعنواني کي برداشت نه ڪيو ويندو ڏوهن جي پٺڀرائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو آفيسر به ڪنهن قسم جي دٻاءُ ۾ نه اچن صرف ڏوهن جي روڪٿام تي خاص ڌيان ڏين ترجمان سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته نئين آءِ جي جي مقرري کان پوءِ وڏي پئماني تي بدلين ۽ مقررين جو تاثر غلط آهي اهڙو ڪوئي معاملو غور هيٺ نه آهي جڏهن ته مستقبل ۾ ضرورت تي قائدن قانونن مطابق مقرري يا بدلي ڪري سگهجي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *