
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف نيب انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو. نيب راولپنڊي طرفان جعلي اڪائونٽس ڪيس، دادو ۽ ٺٽو شگر ملز جي وڪري وارن معاملن تي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نيب چيئرمين جاويد اقبال سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مراد علي شاهه ۽ قائم علي شاهه انهن ڪيسن ۾ پنهنجا بيان نيب کي رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن ۽ اومني گروپ جي سمورن عهديدارن کان به نيب جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي.