سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات، پنج ڄڻا فوت، 12 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات سبب مختلف واقعن ۾ پنج ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا جڏهن ته بجلي ۽ مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي، موسميات کاتي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ سان وڌيڪ مينهن پوڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ طوفان برسات پئي، جنهن سبب مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو. طوفاني برسات سبب وڳڻ، وارهه ۽ روهڙي ويجهو گهرن جون ڀتيونتوڙي ڇِتيون ڪِرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته سيتا روڊ ڀرسان وِڄ ڪِرڻ سبب 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ ڪجهه هنڌن تي طوفاني برسات پئي، سڀ کان وڌيڪ مينهن روهڙي ۾ 5 ملي ميٽر جڏهن ته سکر ۾ هڪ ملي ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا اڪثر علائقا سخت گرمي جي گهيري هيٺ آهن، سڀ کان وڌيڪ گرمي پد شهيد بينظير آباد ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. دادو، موهن جو دڙو 47، روهڙي، تربت، سبي، سکر، پڊعيدن 46، جيڪب آباد، رحيم يار خان ۽ نور پور ٿل ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *