سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات، رستن تي پاڻي بيھجي ويو، بجلي غائب

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪٿي تيز تھ ڪٿي ھلڪي برسات وقفي وقفي سان جاري آھي، رستن تي پاڻي بيھجي ويو آھي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آھي، گلستان جوھر، پھلوان ڳوٺ، ملير، قائد آباد، سعدي ٽائون، ڪورنگي، گلشن اقبال ۽ سخي حسن جي آسپاس ۾ تيز برسات ٿي رھي آھي. ٻئي پاسي آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، شاھراھ فيصل، ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ بھ ڪڪر وسڻ شروع ٿي ويا آھن، عملدارن پاران شھرين جي لاءِ ھدايت نامو جاري ڪيو ويو آھي، برسات دوران اڪثر ھنڌن تي گاڏيون سلپ ٿيڻ جي خدشي سبب شھري گاڏيون آھسي ھلائن،  ٺٽو، گهارو، ڌاٻيجي، پيرونمل، سنڌڙي، ڦلهڏيون ۽ ڀرپاسي برسات بعد موسم خوشگوار، وقفي وقفي سان جاري برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ويو آهي، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهندي، سنڌڙي، ڦلهڏيون ۽ ڀرپاسي جي  علائقن ۾ وسڪارو پيو آھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *