سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بهار جو پهريو وسڪارو، روڊ رستا پاڻي سان ڀرجي ويا، موسم خوشگوار

اسلام آباد/ڪراچي(نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وري تيز وسڪاري سيءُ ۾ واڌ ڪري ڇڏي، هيٺانهن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ڪراچي، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سکر، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور ضلعن جي وڏن توڙي ننڍن علائقن ۾ رات دير کان برسات جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو صبح تائين وفقي وقفي سان جاري رهيو. مورو شھر م رات کان پوندڙ ھلڪي برسات ميونسپل ڪاميٽي جي پت وائکي ڪري ڇڏي، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب برساتي پاڻي مين روڊ سميت مختلف چوراهن ۽ گھٽين م بيهجي ويو دڙو ۾ هلڪي برسات بعد بجلي بند ٿي وئي، ڳڙهي ياسين شهر توڙي ڀرپاسي تيز هوا سان گڏ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو ڪشمور گڊو سميت ڀرپاسي ۾ بھار جي پھرين وسڪارو سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، شڪارپور شھر ۽ ڀرپاسي ۾ برسات بعد ٿڌ ۾ ٿيڻ ڪري ماڻھون گھرن تائين محدود ٿي ويا، ڪرمپور، ميان صاحب، ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل 5 ڪلاڪن کان برسات جو سلسلو جاري رهيو. نئون ديرو ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، هيٺانهن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو، ٺل ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ تيز برسات سبب ٿڌ وڌي وئي ۽ بجلي بند ٿي وئي، پکو شھر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. ڳڙهي خيرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو وسڪاري سيءُ ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ماڻھو گھرن تائين محدود ٿي ويا، مواصلاتي نظام به درھم برهم ٿي ويو، ميروخان، وڳڻ، گڊو، اوٻاوڙو، ڏھرڪي، ڄام صاحب ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات بعد ٿڌ وڌي وئي، ڪٿي وري هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، ماڻهن تفريحي ماڳن ڏانهن رخ ڪيو.  پر ڪڻڪ جي آڳاٽي  فصل، سرنهن ، تورئي ۽ ٻين فصلن  کي نقصان پهتو آهيکير ٿر جابلو پٽي تي لاڳيتو وسڪاري بعد نئن گاج 13 فوٽ وهي آئي، ڪاڇي ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي، 50 کان ڳوٺن جو دادو ۽ جوهي جي شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو. دادو شهر سميت ضلعي جي مختلف شهرن جوهي، واهي پانڌي ۽ ٻين علائقن ۾ رات کان وٺي برسات جو سلسلو وقفي وقفي کان جاري آهي، گورک سميت کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾ برسات پوڻ بعد نئن گاج 13 فوٽ وھي آئي آهي. برسات جي ڪري نئن گاج سميت مختلف 8 نئيون وهي اچڻ ڪري ڪاڇي جي ماروئڙن جا چهرا خوشي وچان ٻهڪي پيا، ان کانسواءِ نئيون وهي اچڻ ڪري ڪاڇي جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جو جوهي ۽ دادو شهرن سان رابطو به ڪٽجي ويو آهي، مقامي آبادگارن جو چوڻ آهي ته تيز برسات سبب ڪڻڪ، ٽماٽرن ۽ مرچن جي فصل کي ڪپاري نقصان رسيو آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آبادگارن کي سبسڊي ڏئي کين معاشي نقصان کان بچايو وڃي.   ٻئي طرف موسميات کاتي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق سنڌ جي مختلف حصن ۾ اڄ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا ۽ سرگوڌا سميت ٻين علائقن ۾ به ڪڪر وسندا. ٻئي پاسي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ پڻ تيز برسات جو امڪان آهي، ڪوئيٽا، زوب، مڪران ۽ قلات ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي سبب نالن ۽ ندين ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *