سنڌ جي قديمي راند ملهه سرڪار جي بي ڌياني سبب ختم ٿيڻ لڳي، پهلوان بکون ڪاٽڻ تي مجبور

احمد پور(اسپورٽس نيوز) سنڌ جي قديمي ۽ ثقافت جو اهڃاڻ راند ملھ پهلواني جي سرپرستي نه ٿيڻ سبب زوال پزيرائي جو شڪار، ملھ پهلوان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ مزدوري ڪرڻ تي مجبور. ثقافت کاتي پاران سار نه لھڻ ڪري ملاکڙن جا مور ملھ پهلوان بدحالي واري زندگي گذارڻ لڳا، ڪيترائي ميدان ڇڏي ويا ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران پوئيواري نه ڪرڻ تي سنڌ جي قومي راند ڏينهون ڏينهن زوالپڻي جو شڪار ٿيڻ لڳي، ملاکڙا به رونقون وڃائي ويٺا آهن، قومي ڏهاڙن ميلن ۽ ملاکڙن ۾ طاقت جي علامت سمجھيا ويندڙ پهلوان سرڪار پاران سرپرستي نه ٿيڻ ۽ وظيفا نه ملڻ تي نفسياتي مرضن جي ور چڙهي ويا ۽ ڪيترائي ملھ پھلوان پيٽ سفر جي گذر لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ تي مجبور ۽ پنهنجي جسماني طاقت به وڃائي ويٺا. سرڪار پاران سرپرستي (يا) پرگهورنه ٿيڻ خلاف ملھ پهلوانن جو پريس ڪلب احمد پور اڳيان احتجاجي مظاهرو. ان موقعي تي پهلوان عبدالقادر ميتلو، پهلوان علي نواز ميتلو، نصرالله ميتلو، شاهنواز ميتلو، خان سنديلو، پهلوان رضامحمد ميتلو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي قديم ۽ ثقافت جي اهڃاڻ راند ملھ پهلواني سرپرستي ۽ پرگهور نه ٿيڻ ڪري زوال جو شڪار آهي. جڏهن ته نئين نسل ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ثقافتي ڏينهن ملهايا پيا وڃن، اتي سنڌ جي قديم ۽ ثقافتي راند ملھ پهلواني زوالپزيرائي جي ور چڙهيل آهي. حڪومت ۽ ثقافت کاتي پاران سار نه لهڻ سبب ملھ پهلوان بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران پوئيواري نه ڪرڻ ڪري سنڌ جي ملھ پهلواني ڏينهون ڏينهن زوالپڻي جي شڪار ٿي رهي آهي جنهن ڪري سنڏ جي اڪثر ضلعن جا ملھ پهلوان معاشي بدحالي جي ڪري نفسياتي مرضن جي ورچڙهي ويا آهن قومي ڏهاڙن ۽ ميلن جي زينت ۽ طاقت جي علامت سمجھي ويندڙ ملھ پهلواني پٺڀرائي نه ٿيڻ ڪري منظرعام تان مٽجندي پئي وڃي. جڏهن ته حڪومت پاران مهوار وظيفو نه ملڻ ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جوپيٽ گذاراڻ لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب ڪيترائي ملھ پهلوان پنهنجي جسماني طاقت به وڃائي چڪا آهن. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ، ثقافت کاتي جي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سنڌ جي قومي راند ملھ جي پٺڀرائي ڪرائي ملھ پهلوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي پاسي سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي راند ملھ جي سرڪاري سرپرستي نه ٿيڻ ڪري سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڳڻتي جو اظهار ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شير بهادر ميتلو نظير احمد مهيسر ستار کوسو حاجي انور لاڙڪ وڏيرو امام ڏنو سمنگ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي قومي راند ملھ حڪومتي عدم دلچسپي جي ڪري تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي هنن حڪومت ۽ راندين واري کاتي کان گهر ڪئي ته ملھ راند لاءِ تعلقي سطح تي گرائونڊ ٺهرايا وڃن ۽ ملھ راند لاءِ سرڪاري سرپرستي ڪئي وڃي ته جيئين هي راند عروج تي اچي سگهي .هوڏانهن ڪرڪيٽ هاڪي سميت ٻين راندين جي رانديگرن کي سرڪاري اهميت انهن لاءِ فنڊ مقرر ڪرڻ توڙي سرڪارپاران گرائونڊ مهيا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ جي ملھ راند لاءِ ڪابه سرڪاري سرپرستي نه ٿيڻ ڪري ۽ ان لاءِ گرائونڊ نه ٺهرائڻ سبب ملھ پنهنجي حيثيتوڃائي چڪي آهي ان ڪري عيدن ميلن ۽ قومي ڏهاڙن تي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿيندڙ ملھ مقابلن لاءِ نه گرائونڊ وغيره يا اسٽيڊيم نه هجڻ ڪري ملھ مقابلاڪرائڻ به مسئلو بڻجندو پيووڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *