سنڌ جي عورت تمام گهڻي بهادر آهي، جيڪا قومي مسئلن تي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي:ناياب سرڪش

ڏوڪري(رپورٽر)جسقم ليڊيز ونگ جي صدر ناياب سرڪش چيو آهي ته سنڌ جي عورت تمام گهڻي بهادر آهي، جيڪا قومي مسئلن تي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن چيو ته سنڌ جي مسئلن تي تحريڪ هلائڻ جي نتيجي ۾ نوجوانن جا لاش ملي رهيا آهن، پير ڪنهن به صورت ۾ قدم پوئتي نه ڪيو ويندو. ناياب سرڪش سنڌي طرفان قومي تحريڪ ۾ عورتن جي شموليت ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن سان گڏجي گهر گهر وڃڻ واري مهم دوران نيشنل پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ عورتن ۾ قومي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، عورتن جي شموليت سان قومي تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿيندي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، نديم باغي، محمد علي کوسو، فهد ڏيرو، غلام محى الدين، امر سنڌي ۽ بيا پڻ گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *