سنڌ جي سينيئر سياستدانن پاران مسئلن جي حل لاءِ هڪ پليٽفارم تان جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻن ٽن وڏن وزيرن ۽ سينيئر سياستدانن پاران سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ گڏ ٿي هڪ پليٽفارم تان جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اتحاد سنڌ سطح تي هجي يا ملڪ گير هجي ان تي اتفاق نه سگهيو، ملڪ ۾ انارڪي، مهانگائي، غربت، ڪرپيشن ۽ بيڊگورنينس جو دور آهي، اسان ڪنهن جي به خلاف نه آهيون ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي اڳوڻن وڏن وزيرن ۽ مسلم ليگ ن جي ناراض اڳواڻ سيد غوث علي شاهه، لياقت علي جتوئي ، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي الاهي بخش سومرو، مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي سربراهه ۽ وفاقي وزير پير صدرالدين شاهه راشدي، ظفر شاهه ، ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي رهائشگاهه تي منعقد اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته اڄوڪي اجلاس جو بنيادي مقصد سنڌ جي مسئلن تي ويهي ڳالهائڻ هو ۽ اسان ان ڏس  ۾تفصيلي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ هڪ اتحاد به جوڙي رهيا آهيون پر سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ممتاز ڀٽو جي غيرموجودگي سبب اڃا اعلان نه ڪيو آهي، ارباب غلام رحيم چيوته ٿر ۾ جيڪا ترقي ٿي اها منهنجي ايامڪاري ۾ ٿي منهنجي وقت ۾ ٿيل ڪم خود شاهدي ڏئي ٿي. هڪ سال اڳ وڏي وزير اتي ويو ته وزير اعظم جي موجودگي ۾ چيائين ته هتي رستا نه آهن، ۽ هاڻ چوي ٿو ته موٽروي بڻيل آهي، ڇا اهو سڀ ڪجهه هڪ سال ۾ ٿيو، هن جو چوڻ هو ته ٿر ۾ رليف پهچائڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، وزيراعظم جنهن امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو ان رقم جو وڏي حصو ملي چڪو آهي ۽ ٿر ۾ ماڻهن کي امداد به ملي رهي آهي، ٿر ۾ امن امان جي صورتحال صوبي جي ٻين علائقن کان بهتر آهي ، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسيمبلين ۾ ايندڙن سان ڇا ٿ ٿئي، ڇا ميڊيا نه ڏٺو؟ اسيمبلي پاس بروهي ڌاڙيل کي به جاري ڪئي وڃي ٿي، مناسب وقت  ۾ايوان ۾ به ايندس ، ايم ڪيو ايم ۽ ڌار صوبي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ايم ڪو ايم وارن کي چونداسين تي تڪرار ڳالهه نه ڪيو، سنڌ جي عوام کي ورهائڻ بدران سنڌ جي اهم اشوز تي گڏجي ويهي آواز اٿارجي، هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪندا آهيون ته سڀ اعتراض ڪندا آهن پر پ پ اتحاد ۾ گڏ هوندي آهي ته ماڻهو خاموش هوندا آهن ان وقت اعتراض چو نٿو ڪيو وڃي. ،…. لياقت جتوئي چيو ته گذريل اجلاس ۾ ملاقاتن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو جيڪو هلي رهيو آهي ، اسان جو ڪو به ذاتي مفاد نه آهي، اسان ملڪ ۽ صوبي جي ڀلائي لاءِ گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته ڪرپشن جي انتها ٿي وئي آهي حڪمراني نالي ڪا به شي نه آهي هر شي وڪجي رهي آهي، ملڪ ۽ صوبي ۾ لاء آهي ته آرڊر نه آهي، جيڪا جنهنجي مرضي پوي ٿي اهو ڪري ٿو، ڪير به پڇڙ وارو نه آهي، پوليس جي موجودگي ۾ ڌاڙيل ڪارروئي ڪن ٿا ۽ بيگناهه ماڻهن خلاف جعلي ايف آءِ آر داخل ٿين ٿيون ترقي جي نالي تي کربين رپيا ڦر لٽ ڪيا ويا، لاڙڪاڻي پيڪيج ۾ 40 ارب رپين جون گهوٻيون لڳيون. هن چيو ته گذريل 4 سالن ۾ 70 ارب رپين جو گبن ٿيو آهي، اسان جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي پر معيشت مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي غربت سبب ماڻهو پنهنجا پچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، منهنجي دادو ضلعي ۾ ساڍا ست هزار ۽ لاڙڪاڻي ۾ ساڍا اٺ هزار اسڪول بند آهن چونڊن ۾ ڌاندلي جي انتهائ ٿي وئي ، ٽربيونل جي فيصلا غيرقانوني آهن، اهي جلد ختم ٿي ويندا اهو عجيب فيصلو آهي ته منهنجي صوبائي تڪ ۾ ڌاندلي ثابت ٿي ۽ مونکي ڪامياب قرار ڏنو ويو ۽ ساڳئي تڪ جي قومي اسيمبلي واري تڪ ۾ منهنجي درخواست رد ڪئي وئي . هن چيو ته نوڪريون به وڪجي رهيون آهن هتي اگهه مقرر ٿي ويا آهن، سڄو ملڪ انارڪي جي ور ڇڙهيل آهي، اسان ذاتي مفادن لاءِ گڏ نه ٿيا آهيون، سنڌ جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ سڀ ڪجه ڪيون پيا، سنڌ جي معاملي تي ٻين ماڻهن سان به ملنداسين، ايم ڪيو ايم سان به ملنداسين، انهن سان ڳالهوين ڪنداسين ۽ انهن جا به مسئلا ٻڌنداسين، هن چيو ته ٿر ۾ ماڻهو مري رهيا آهن پر سيد قائم علي شاهه رڳو دعوائون ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير پيرصدرالدي شاهه راشدي چيو ته اسان سڀني مسلم ليگين کي گڏ ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ انهن کي هڪ ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان نذرياتي سياست ڪري رهيا آهيون، مسلم ليگي ناراض ٿي گهرن ۾ ويٺا آهن انهن کي گڏ ڪرڻ چاهيون ٿا اسان ملڪ ۽ سنڌ جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا اسان ڪنهن سان گڏ نه پر ملڪ ۽ صوبي سان گڏ آهيون ، اسان هن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پيرصدر الدين شآهه راشدي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ پوري ملڪ جي سطح تي مسلم ليگ کي متحد ڪرڻ چاهيون ٿا مينار پاڪستان تي هر پارٽِي جلاس ڪري رهي ۽ پر مسلم ليگي ڇڙوڇڙ يا ناراضي ٿي گهرڻ ۾ ويٺا آهن انهن کي گڏ ڪنداسين، سيد عوث علي شاهه چيو ته مسلم ليگ پاڪستان جي خالق پارٽي ۽ مان پنجاب جي ليگي اڳواڻ ذوالفقار کوسي سان رابطي ۾ آهيان ۽ ناراض يا غِيرفعال ٿي گهرن ۾ ويٺلن کي گڏ ڪرڻ چاهيون ٿا ، هن چيو ته هي حڪومتون ڌاندلي تي ٺهيون آهن فرق ايترو  ۽ته پنجاب ۾ ڌاندلي خلاف ڏرڻا هنيا پيا وڃن ۽ اسان هتي عدالتن ۾ آهيون افسوس اهو آهي ته اسان جي عملن کي ڪمزوري سمجهو پيو وڃي. هن چيو ته نواز شريف کي سنڌ ۾ ڌاندلين خلاف اسٽينڊ وٺڻ کپي ها، پر ان بدران هن پيپلزپارٽِي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هاڻ اهي ٻئي اتحادي آهن، اسان سڄي ملڪ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪنداسين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *