سنڌ جي سامونڊي پٽي تي برسات جي اڳڪٿي، ريڊ الرٽ جاري

ڪراچي (م.ڊ) موسميات کاتي طرفان سنڌ جي سامونڊي پٽي تي برسات جي اڳڪٿي ڪرڻ کانپوءِ ڊائريڪٽر ڪاليجز امڪاني/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 19

 برساتن سبب ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. موسميات کاتي موجب ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ سجاول سوڌو ساحلي علائقن ۾ ڪٿي تيز هوائن سان ۽ ڪٿي هلڪلي برسات جو امڪان آهي. ڪراچي جي ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر عبدالباري انڍڙ امڪاني برساتن سبب ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. ريجن جي سمورن ڪاليجز جي انتظاميا کي اُماڻيل خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪاليجز جي عمارتن جي مرمت سان گڏ گٽر نالا صاف ڪرايا وڃن. خط ۾ چيو ويو آهي ته شهر جي سمورين ڪاليجن جي عمارتن ۽ ڇتين جي صفائي ڪرائي وڃي. امڪاني برساتن سبب ڪنهن به حادثي کان بچڻ لاءِ ڇتين جي ضرورت موجب مرمت به ڪرائي وڃي ۽ بجلي جي حوالي سان به ڪم ڪار ڪرائي سمورو ڪم مڪمل ڪري تصويرن سميت کيس رپورٽ اماڻي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *