ڪراچي (اي پي پي) خوراڪ ۽ معدنيات ۽ معدني ترقي واري وزير منظور حسين وساڻ جي صدارت هيٺ اربع ڏينهن سندس آفيس نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ خوراڪ کاتي سنڌ جي سينيئر آفيسرن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري خوراڪ لئيق احمد، ڊائريڪٽر خوراڪ احمد علي قريشي، ايڊيشنل سيڪريٽري خوراڪ زبير پرويز احمد، خوراڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن، ضلعي فوڊ ڪنٽرولرن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو ته مونکي خوراڪ کاتي جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري مونکي سٺن آفيسرن کان ڪم وٺڻو ۽ کاتي مان ڪارين رڍن جو صفايو ڪرڻو آهي. هن واضح ڪيو ته آفيسر پنهنجو قبلو درست ڪن. جتي به ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيڻ يا ڪنهن ٻي قسم جي بدعنواني يا بدانتظامي جون شڪايتون ملنديون ذميوارن خلاف ڪيس اينٽي ڪرپشن ۽ نيب ۾ ڪيس موڪليا ويندا. هن سينيئر آفيسرن تي ٻڌل ويجيلنس ڪاميٽي ٺاهڻ جون به هدايتون ڏنيون جيڪي وقت به وقت کاتي جي معاملن کي مانيٽر ڪن. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته سال 2015 ۾ خوراڪ کاتي وٽ اٽڪل 8 لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ذخيرو ٿيل آهي، جڏهن ته گذريل سال جي اٽڪل 7 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو اسٽاڪ به موجود آهي. اسان جي سالياني ڪڻڪ جي ضرورت 10 لک ميٽرڪ ٽن جي لڳ ڀڳ آهي. صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسان جي ضرورتن کان وڌيڪ ڪڻڪ جي اسٽاڪ کي برآمد ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي. صوبائي وزير ڪڻڪ اسٽاڪ کي گودامن ۾ محفوظ طريقي سان رکڻ ۽ کليل هوا ۾ رکيل ڪڻڪ جي فيوميگيشن ڪرائڻ ۽ پڪي فرش تي ترپال سان محفوظ طريقي سان ڍڪي رکڻ جون هدايتون ڏنيون ۽ واضح ڪيو ته ڪڻڪ خراب ٿيڻ جي ذميواري لاڳاپيل ضلعي فوڊ ڪنٽرولر تي هوندي. اي پي پي/ ص – ع/ ع – س 17:23