ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي ڪندي 307 استادن جي لسٽ پڌري ڪري ڇڏي آهي، تعليم کاتي موجب گوسڙو استادن جون پگهارون بند ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن. تعليم کاتي موجب بائيو ميٽرڪ تصديق بعد پهريون ڀيرو گوسڙو استادن جي حاضري جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو، جنهن تحت 307 استادن جي لسٽ پڌري ڪئي وئي آهي. تعليم کاتي موجب گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ پهرين مرحلي ۾ 307 استادن جون پگهارون بند ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن.