سنڌ جي تعليم کاتي،نئين سال جي تعليمي پاليسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي،نئين سال جي تعليمي پاليسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نثار احمد کهڙي جو چوڻ آهي ته ننڍا امتحاني مرڪز ختم ڪري هر يونين ڪاميٽي ۾ هڪ هزار ٻارن تي ٻڌل امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويندا،ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ وٺڻ ۽ حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ استادن توڙي شاگردن لاءِ به بايو ميٽرڪ سسٽم لڳايو ويندو. سنڌ جي تعليم کاتي جي سالياني اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي تعليم واري وزير نثار کهڙي جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٿي،جنهن ۾ تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهي،ڊائريڪٽرز ۽ خانگي اسڪولن جي نمائندن به شرڪت ڪئي اجلاس ۾ نئون تعليمي سال اپريل،جڏهن ته ڪيمبرج ۽ او ليول جو تعليمي سال پهرين آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو گڏجاڻيءَ کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري وزير نثار کهڙي ٻڌايو ته سالياني امتحان جا ننڍا مرڪز ختم ڪري هر يونين ڪميٽيءَ ۾ هڪ هزار شاگردن تي ٻڌل هڪ سينٽر قائم ڪيو ويندو. نثار کهڙي چيو ته يارهين ڪلاس جي داخلا آن لائين ذريعي ڪئي ويندي،ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ به لازمي طور ورتي ويندي،استادن توڙي شاگردن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ سسٽم به لڳايو ويندو. تعليم واري وزير ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو ته خانگي اسڪول،کاتي جي منظوري کانسواءِ فين ۾ واڌ نه ڪري سگهندا،ڪيمبرج ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن کي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ واڌو استاد ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. تعليم واري سينيئر صوبائي وزير واضح ڪيو ته اونهاري ۽ سياري جون موڪلون برقرار رهنديون،سمورن اسڪولن ۾ اسيمبلي ڪرائڻ،نعت ۽ قومي ترانو پڙهائڻ کي به لازمي قرار ڏنو ويوآهي، اسڪولن جي انتظاميا راندين جو هفتو ملهائڻ جي به پابند هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *