سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف قومپرست پارٽين جي سڏ تي ڦيٿا روڪ هڙتال ، ڪاروبار بند

ڪراچي/لاڙڪاڻو/حيدرآباد/خيرپور ناٿن شاهه (نمائندن وٽان) سنڌ جي امڪاني ورهاڱي جي خلاف خميس تي قومي عوامي تحريڪ جي اپيل تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ۽ شٽرڊائون هڙتال ڪئي ويئي هڙتال سبب ڪراچي جي ڀرپاسي جا علائقا گلشن حديد، ملير، موسميات، سفوران ڳوٺ، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، چنيسر ڳوٺ، پپري، يوسف ڳوٺ، بلاول ڳوٺ ۽ ٻيا ڪيترائي علائقي جتي سنڌي قومپرستن جي گهڻائي آهي صبح جي وقت بند رهيا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلاءُ گهراءُ ڪيو ويو ريليون ڪڍيون ويون ٽنڊوالهيار ۾ اڻڄاتل ماڻهن پاران دفتر ويندڙن تي پٿراءُ سان 3 ڄڻا زخمي ٿيا تفصيل موجب سنڌ جي قومپرست جماعتن ايم ڪيو ايم جي سنڌ جي ورهاڱي جي مطالبي کي ناقابل قبول قرار ڏيندي خميس تي متحده قومي موومينٽ پاران سنڌ ۾ نئون صوبي ٺاهڻ جي مطالبي جي خلاف خميس تي قومي تحريڪ پاران سنڌ ۾ هڙتال ڪئي ويئي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سميت سمورين قومپرست پارٽين هڙتال جي حمايت ڪئي آهي خميس تي ڪراچي جي ڀرپاسي جي علائقن جتي سنڌين جي اڪثريت آهي ان سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند رهيا جڏهن ته ٽريفڪ معمول کان گهٽ نظر آئي حيدرآباد ۾ ڪاروبار جزوي طور تي بند رهيو، دادو ڄامشورو، نوابشاهه، سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، خيرپور ناٿن شاهه ۽ جيڪب آباد جي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند نظر آيا خيرپور، ٺٽو، بدين، ٽنڊومحمدخان، نوشهروفيروز، ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به ڪٿي جزوي ۽ ڪٿي مڪمل هڙتال ڪئي ويئي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ نوجوانن ڏنڊا کڻي دڪان ۽ ڪاروبار بند ڪرايو سنڌي قومپرست قيادت مطابق متحده ۽ سنڌ حڪومت ٻئي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن پنهنجي ڪرپشن ۽ نااهلي پردو وجهڻ لاءِ عوامي سطح تي ظاهر ۾ ويڙهه وڙهي رهيون آهن جڏهن ته اندروني طور تي ٻئي هڪ آهن جيئي سنڌ قومي محاذ متحده جي ضلعي دفترن جو 26 آڪٽوبر کان گهراءُ ڪرڻ ۽ انهن جي دفترن آڏو ڌرڻو هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪڏهن ان دوران الطاف حسين ۽ متحده قيادت سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو واپس نه ورتو ته محرم کان پوءِ اڳئين مرحلي ۾ متحده جي مرڪز نائين زيرو ٻاهران به ڌرڻو هنيو ويندو جسقم جو چيئرمين صنعان قريشي ۽ پارٽي جي ترجمان نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هزارين سال کان هڪ وحدت آهي ان کي ڪنهن به طرح ورهائڻ سنڌ جي رهواسين کي قبول نه آهي احتجاجي پروگرام مطابق جسقم جا ڪارڪن 26 آڪٽوبر تي گهوٽڪي، 27 آڪٽوبر تي ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ 28 آڪٽوبر تي شڪارپور ۽ 29 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ متحده جي دفترن اڳيان ڌرڻو هڻندا جڏهن ته 29 آڪٽوبر تي ئي آئينده جو پروگرام ۽ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو نياز ڪالاڻي مطابق ايم ڪيو ايم قيادت پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪئي ۽ الطاف حسين بيان واپس نه ورتو ته مرحلي وار حيدرآباد ۽ متحده جي مرڪز نائين زيرو تي به ڌرڻا هڻنداسين, خيرپور ناٿن شاهه ۾ ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ٻه حصا ڪرڻ واري بيان جي ردعمل ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سموري سنڌ ۾ ڏنل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جي سڏ تي خيرپور ناٿن شاهه ۾ مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، شهر جي شاهي بازار، ريشم گلي ۽ مين روڊ سميت سڀ ڪاروبار مرڪز بند رهيا ۽ ڦيٿو جام رهيو، قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سومر چانڊيو، مجيد ڪلهوڙو، غلام حيدر ملاح، شبير مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مڇريل ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون ڏئي ايم ڪيو ايم ۽ سندس حمايتي تنظيمن خلاف ڇتي نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن تنظيم آهي، ان تنظيم تي پابندي مڙهي وڃي، هنن چيو ته الطاف حسين ۽ سندس قيادت پاران سنڌ دشمن بيان بازي سان سنڌ جي عوام جي دل آزاري ٿي آهي، الطاف حسين سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي. ٻئي پاسي متحده قومي موومينٽ چيو آهي ته نوان صوبا پاڪستان جي خوشحالي جي ضمانت هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *