سنڌ جي اسپتالن ۽ اسڪولن جي حالت خراب، ٿرپارڪر ۾ ماڻهو پاڻي لاءِ سڪن پيا: قريشي

لاڙڪاڻو (م.ڊ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ وفاقي وزير علي زيدي، امير بخش خان ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جنگ سان سڀني جو نقصان ٿيندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ 80 هزار جانيون ضايع ٿيون، اسان يوڪرين ۽ روس جي مسئلي جو سفارتي حل چاهيون ٿا جنهن ڪري اڄ روس ۽ يوڪرين ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ان مسئلي ۾ پاڪستان جو ڪردار غير جانبدار آهي، لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته بلاول اسان کان حساب وٺي رهيو آهي اسين 5 سالن بعد حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر هو ساڍن ٽن سالن جو حساب وٺي رهيو آهي اسان کي به پيپلز پارٽي گذريل 15 سالن جو حساب ڏيئي، هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۽ اسڪولن جي حالت ماڻهو ڏسي رهيا آهن ۽ ٿرپارڪر ۾ ماڻهو پاڻي جي لاءِ سڪن پيا،  پر سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي،هن چيو ته اسان سنڌ جي حڪومت کي ان جي توقع کان وڌيڪ پيسو ڏنو آهي ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ سنڌ سرپلس صوبو بڻيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي مڪاني چونڊن جي قانون کي سمورن جماعتن رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي هيٺين سطح تي اختيار منتقل ڪرڻ نه ٿا چاهن، هن چيو ته اڄ رياض فتيانه جو بيان ٻڌو هن چيو ته ڪو به باضمير عمران خان کي نه ڇڏيندو جيڪو خوش آئند عمل آهي، هن وقت اسان جي پرڏيهي پاليسي آهي، چين ۾ تاريخي ميٽنگون ٿيون، آمريڪا جا اسٽريٽيجڪ پارنٽر آهيون، روس ۾ ساڍن ٽي ڪلاڪ وزيراعطم ميٽنگ ڪئي، يورپي يونين ۾ ڳالهيون ويون پر اسان جا سڀنن سان سٺا تعلقات آهن، هن چيو ته پيپلز پارٽي مارچ ڪري رهي آهي ۽ اسان عوامي رابطا ڪري رهيا آهيون، اسان سنڌ جي حقن تي ڳالهه پيا ڪريون ڇا اسان پيپلز پارٽي کي پنجاب وڃڻ کان روڪيو آهي جو گهٻرائي رهيا آهن،  هن چيو ته لاڙڪاڻي جي عوام جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، رتوديرو کان لاڙڪاڻي تائين ضلعي جي ماڻهن جيڪا عزت ۽ محبت ڏني اها وساري نه ٿو سگهان ان لاءِ تحريڪ انصاف اوهان جو شڪريو ادا ڪري ٿي،  هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جو ڪٿي به جهنڊو نظر نه ٿو اچي پر ڪالهه پي ٽي آءِ جا جهنڊا هر هنڌ هئا، اسان هتي جهيڙو ڪرڻ ناهيون آيا، گذريل رات کان انتظاميه جا هٿ پير سڄي ويا آهن ته هي ٻئي قافلا آمهون سامهون نه اچن، هن چيو ته اسان سنڌ ۾ مهمان آهيون جمهوري انداز ۾ مقابلو ڪنداسين، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا به ڪارڪن آهن انهن کي به اتي وڃڻو آهي تحريڪ انصاف پاڪستان سطح جي جماعت آهي ۽ سمورن صوبن ۾ اسان جي نمائندگي آهي تنهن ڪري اسين وفاق جي ڳالهه ڪريون ٿا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *