سنڌ جي ادارن اطلاعات ۾ ڪنهن به بدعنوان آفيسر کي برداشت نه ڪيو ويندو : ناصر حسين شاهه

ڪراچي (پ.ر) سنڌ جي وزير اطلاعات ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ان ڳالهه کان باخبر آهن ته سي پي اين اي جي ڪارڪنن کي سنڌ جي ادارن اطلاعات ۾ بدعنوانين تي مبني شڪايت آهي. هن ان شڪايت جو فوري نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته ان کي مڪمل تدارڪ جي لاءِ انهن کي سي پي اين اي جي ڀرپور رهنمائي ۽ تعاون درڪار آهي. اهي سي پي اين اي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪارڪن جي اعزاز ۾ پنهنجي طرفان ڏنل عصراني جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي واضح هدايت آهي ته سمورن سرڪاري ادارن ۾ بدانتظامي ۽ بدعنواني جو هر سطح تي مڪمل خاتمي لاءِ فوري طور تي قدم شروع ڪيا وڃن. هن چيو ته سنڌ جي ادارن اطلاعات ۾ ڪنهن به بدعنوان آفيسر کي برداشت نه ڪيو ويندو. اشتهاري ايجنسين طرفان ازخود ميڊيا لسٽ جي تياري جي شڪايت کي ذڪر ڪندي چيو ته اهو سرڪاري امور ۾ مداخلت آهي ۽ ان پريڪٽس جي ذميدار اشتهاري ايجنسين ۽ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت 18 هين آئيني ترميم تحت اختيارن جي منتقلي جي عمل کي سنڌ جو اطلاعات کاتي ۾ مڪمل عمل درآمد جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ به ضروري قدم کنيا وڃن پيا. ان موقعي تي سي پي اين اي جي صدر ضيا شاهد، سينيئر نائب صدر شاهين قريشي، سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق، نائب صدر عامر محمود، رحمت علي رازي، طاهر فاروق، انور ساجدي، سينيئر ميمبر وامق زبيري، قاضي اسد عابد، اڪرام سهگل، غلام نبي چانڊيو، ڪاظم خان، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، امين يوسف، عارف بلوچ، ڊاڪٽر وقار يوسف عظيمي، نصير هاشمي، حامد حسين عابدي، عبدالرحمان منڱريو، خليل الرحمان، تنوير شوڪت، اسلم خان، محمد يونس مهر، بشير احمد ميمڻ، ڪامران ممتاز ۽ زاهده عباسي سميت وڏي تعداد ۾ مديران و صحافين شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *