سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾قبول ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌسماءَ جي صوبائي وزيرSharjeel Memon شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني شهري آهي جيڪو ملڪ ۾ ويهي سياست ڪري رهيو آهي. شرجيل ميمڻ هڪ بيان ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي جو اڳواڻ آهي. ڀٽو خاندان جمهوريت ۽ عوام لاءِ جانين جا نذرانا ڏنا آهن، هن چيو ته سڀني سياسي پارٽين جو اهو فرض آهي ته اهي ٻين پارٽين جي اڳواڻن جي عزت ڪن، غلط ڳالهه جو غلطزبان سان جواب نه ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو غيرتمند عوام صوبي جي ورهاست کي قبول نه ڪندو، ڪجهه ماڻهن کي سنڌ جي عوام جي محبت پسند ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *