سنڌ جو غيور عوام ڪڏهن به سنڌ کي ٻه ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندو: وڏو وزير

نوشهرو فيروز(ڊ.ر) سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه اربع تي ڀريا سٽي لڳ ڳوٺ دريا خان جلباني پهتو. جتي هن اڳوڻي صوبائي وزير احمد علي جلباڻي جي وفات تي سندس وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزير اعليٰ چيوته مرحوم احمد علي جلباني اسان جي ننڍپڻ جو ساٿي هو. ۽ سندس وفات سان پيدا ٿيندڙ خلا ڪڏهن به پورو نه ٿو ٿي سگهي. هن ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته 18 آڪٽوبر جو جلسو تمام وڏو هوندو ان ۾ شريڪ ٿيندڙ عوام جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. نوشهروفيروز ضلعي جي روڊ رستن جي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جلد اهي روڊ رستا ۽ ڊرينيج جون اسڪيمون ٺاهي ان کي بهتر ڪيو ويندو. تعليم جي بهتري لاءِ صوبائي وزير تعليم نثارکهڙو جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ جي 46 هزار کان وڌيڪ اسڪولن کي منهن ڏيڻ هڪ چيلنج آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته پرائمري تعليم کي عام ڪيو وڃي. ڇوته تعليم اسان جي اولين ترجيح آهي.ان لاءِ بجيٽ ۾ به ڪافي رقم رکي وئي آهي ته جئين تعليم بهتر کان بهتر ٿي سگهي. سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سوال جي جواب ۾ سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ جو غيور عوام ۽ نوجوان سنڌ کي ڪڏهن به ٻن حصن ۾ ورهائجڻ نه ڏيندا. ان موقعي تي سنڌ جو صوبائي وزير تعيلم نثار احمد کهڙو، سنڌ اسمبلي جو ميمبر سيد ابرار شاهه، پيپلز پارٽي جو تعلقي صدر شڪيل احمد جلباڻي، سليم رضا جلباڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *