سنڌ جو حال لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته سنڌ جو حال لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي اُتي جا معمولي سرڪاري ملازم هر سال لينڊ ڪروز تبديل ڪندا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٺٽي ۾ 1207 ايڪڙ زمين جي جعلي دستاويزن جي تياري جي مرڪزي جوابدار ملڪ شاهد جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ جوابدار جي وڪيل طارق محمود جو چوڻ هو ته جوابدار سموري زمين سرڪاري کي واپس ڪري ڇڏي آهي پر ٽرائل مڪمل ناهي ٿيو جنهن تي جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا آهن ته اوهان دليل ڏئي رهيا آهيو  ته چور کان مال ملي ويو آهي هاڻي ڇڏيو وڃي جڏهن ته جسٽس سردار طارق جو چوڻ هو ته ڇا حڪومتي نقصان پورو ٿيڻ کانپوءِ ڏوهه ختم ٿي وڃي ٿو. چيف جسٽس جسٽر ظهير انور جمالي رمارڪس ۾ ڏنا آهن ته سنڌ جون حالتون لفظن ۾ بيان نٿيون ڪري سگهجن اُتي معمولي سرڪاري ملازم به هر سال نئين لينڊ ڪروز ڪڍرائي ٿو. چيف جسٽس وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته طارق صاحب جڏهن به جعلي سيل ڊيڊ بڻائڻي هجي ته ڪراچي هليا وڃو. عدالت ٻڌڻي بعد جوابدار جي صمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *