سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ پنجاب کان به خوبصورت بڻائينداسين، 18ع ۾ اونداهي جو راڄ ختم هوندو: نواز شريف

ٺٽو (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف سنڌ جي نئين اڏاوت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته صوبي جي شهرن ڳوٺن کي پنجاب جي شهرن ۽ ڳوٺن کان بهتر بڻائينداسين. مسئلا حل ڪرڻ صوبايئ حڪومت جو ڪم آهي، ڪو ٻيو سنڌ جي عوامي جي محرومين کي ختم نه ڪندو ته اسان ڪنداسين. عبدالطليف ڀٽائي ۽ لعل شهباز قلندر جي ڌرتي جي اڄ ختم ڪنداسين. ڪراچي کي به خوبصورت بڻائينداسين، سجاول ٺٽو ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ هيلٿ ڪارڊ اسڪيم شروع ڪنداسين. ملڪ ۾ بجلي جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي خميس تي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٺٽي ۾ اچي وڏي خوشي ٿي آهي. نواز شريف عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيتري خوشي توهان کي ٿي رهي آهي ان کان ٻيڻي مون کي ٿي رهي آهي وزيراعظم کلندي چيو ته خوشيءَ ۾ هوا به شروع ٿي وئي آهي ۽ جهنڊا به ڦڙڪي رهيا آهن توهان جي منهن خوش ڏسي رهيو آهيان مون کي شيرازي ڀائرن گهرايو آهي، منهنجي ڀائرن مون کي وڏي دير سان گهرايو آهي. مان پهريان اچڻ چاهيان پيو پر اڄ توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان. وزيراعظم چيو ته شيرازي ڀائرن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي صوبي جا معاملا آهن جڏهن ته وفاقي حڪومت سمورن مسئلن جي حل جو واعدو ڪري ٿي. اهي سڀ مسئلا صوبي کي حل ڪرڻ گهرجن شيرازي وڏيون اميدون کڻي مطالبا ڪيا آهن هي ٺٽو، سجاول جا مسئلا آهن اهي توهان جا مسئلا آهن ته منهنجا به مسئلا آهن. وزيراعظم چيو ته ٺٽي جي لاءِ 500 بسترن واري اسپتال تعمير ڪئي ويندي ۽ ايڏي وڏي اسپتال پشاور، ڪراچي ۽ لاهور ۾ به ناهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ ذريعي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ علاج ٿي سگهندو. هن چيو ته انهن علائقن ۾ بهتري گهٽ آهي جتي ماڻهو بل ادا نه ٿا ڪن. ان موقعي تي سجاول ۽ ٺٽي لاءِ گئس ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو جنهن تي هڪ سئو 10 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا جيڪي ٺٽي جي عوام تي قربان آهن. هن چيو ته ڪي ٽي بندر رٿا لاءِ نيشنل هاءِ وي کي حڪم جاري ڪيا آهن انهن کي چيو ويو آهي ته جيتري به انتظامي ۽ عدالتي رڪاوٽون آهن انهن کي ختم ڪري منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. منصوبي لاءِ 50 ڪروڙ رپين جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ٺٽي ۽ سجاول ۾ 50 ڪلوميٽر ڳوٺاڻن رستن لاءِ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. ان جو فيصلو گڏجي ڪنداسين. پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ٻنهي ضلعن لاءِ 20  – 20 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته سمنڊ زرعي زمينن کي ڳڙڪائي رهيو آهي اهو صوبائي حڪومت جو معاملو آهي پر اسان سمجهون ٿا ته ان معاملي کي فوري طور تي حل ٿيڻ گهرجي ٺٽو ، سجاول ۽ بدين ۾ ان کي روڪڻ لاءِ بچاءُ بند تعميرڪيو ويندو اهو منصوبو توهان جي زمينن کي سمنڊ جي پاڻي کان محفوظ رکندو ۽ ان جي فزيبلٽي جي اسٽڊي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن رپورٽ ايندي ته ڪم شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم علي محمد اڏيرائي جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو. وزيراعظم ٺٽي جي 250 ڳوٺن کي بجلي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان کي جڏهن حڪومت ملي ته ان وقت ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه هيون پر اسان جي ڪوششن سان بجلي جي بحران تي قافي ضابطو آندو ويو آهي ۽ انشاءَ الله تعالي!ٰ 2018 تائين ملڪ مان انڌيري جي راڄ کي هميشه هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مان ٺٽي ۽ سجاول جي عوام ۾ جلد ٻيهر واپس موٽي اچي صحت ڪارڊ ورهائيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *