سنڌ جا حڪمران ٿر ۾ تماشو لڳايون ويٺا آهن، ٿر ۾ 1600 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن: سراج الحق

بدين (ڊ.ر) پاڪستان ۽ سنڌ جا حڪمران ٿر ۾ تماشو لڳايو ويٺا آهن ٿر ۾ 1600 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت 16 ملين ڊالر جا هيليڪاپٽر خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهي جيڪڏهن سنڌ کي بچائڻو آهي ته پوءِ ٿر کي بچائڻو پوندو امير جماعت اسلامي سراج الحق جو بدين ۾ ٿر بچايو ريلي کي خطاب ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ دآڪٽر نه آهن جنهن جي ڪري اتي بنيادي سهولتن جي اڻهوند آهي انهيءَ ڪري پاڪستان جي ماڻهن جي ڌيان ٿر ڏانهن ڏيارڻ وڃي رهيو آهي ڪائي مذهبي جماعت دهشتگردي جي حمات نٿي ڪري سنڌ ۾ بيروزگار ۽ بدحالي آهي جڏهن ته حڪمران ملڪي دولت لٽي پئسو ٻاهر منتل ڪري رهيا آهن پاڪستان ۾ چوڌري وڏيرا سردار هڪ ٻئي کي تحفظ ڏيئي رهيا آهن اسيمبلي ۾ غريب جي نمائندگي اهي ڪن ٿا جن کي غربت جي خبر ئي نه آهي غريب مزدور جو پٽ هئڻ تي فخر آهي اڄ به ڪرائي جي گهر ۾ رهندو آهيان. بدين پنهنجي قدرتي وسيلن سان دبئي بڻجي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *