سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي امن قائم ناهي ڪري سگهي، کيس حڪمراني جو حق ناهي: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الهق چيو آهي ته ملڪ ۾ حقيقي اسلامي، فلاحي ۽ معاشي انقلاب جماعت اسلامي آڻيندييپلزپارٽي سالون سال کان حڪومت ۾ اچي رهي آهي ۽ اڄ به سنڌ گلگت ۽ ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ته پوءِ بلاول ڀٽو زرداري شڪايت ڪنهن کان ڪري رهيو آهي ۽ ڇو روئي رهيو آهي ڪراچي جي جلسي ۾ بلاول ۽ زرداري غريب تي ظلم ۽ جبر ۽ سنڌ جي محرومن جو ذڪر ڪيو آهي هر مقرر ڪراچي جلسي کي شام ڪربلا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو نه ٻڌايو ته مرڪز (ن) جي حڪومت رهي اڄ 40، 45 سالن کان پوءِ ايئن روئڻ ۽ مسئلا ڳڻائڻ سان ڳالهه ناهي ٺهندي موجوده صورتحال جو ذميوار عوام آهي جنهن کي سچي ۽ خراب جي فرق ڪرڻ بدران انهن حڪمرانن کي اکيون ٻوٽي ووٽ ڏي ٿو ۽ مسلسل پنهنجي سر تي ويهاري ٿو بلاول ٺيڪ چيو آهي ته آئينده عوام سوچي سمجهي ووٽ ڏي ملڪ تي غريبن، جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن حڪومت ڪئي ۽ انهن ئي غريبن کي اڄ هن حال تائين پهچايو آهي سنڌي قبيلن ۾ ويڙهه ٿي رهي آهي جنهن ۾ سوين ماڻهو ماريا وڃن ٿا آصف زرداري سڀ ڪم ڇڏي قائم علي شاهه ۽ خورشيد شاهه سان ملي انهن قبيلن ۾ امن ڪرائي زرداري صاحب جيڪڏهن اوهان کان هي ڪم نه ٿي سگهيو ته اسان کي پنهنجو جرڳو وٺي اچڻو پوندو غريب ماڻهو ماريا پيا وڃن ڳوٺ برباد ۽ قبرستان آباد ٿي رهيا آهن هر طرف لاقانونيت ۽ بيچيني آهي سنڌ کي قبيلائي جهيڙن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي سنڌ ۾ بدامني جي ڪري شام کان پوءِ ڪوئي ماڻهو پنهنجي گهر کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي جيڪي حڪمران عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ نه ڏيئي سگهن کين حڪمراني ڪرڻ جو حق نه آهي جماعت اسلامي جي مرڪزي ميڊيا سيل منصوره مان جاري ڪيل پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ وڏي عوامي جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو جلسو امير جماعت اسلامي سنڌ معراج الحديٰ صديقي ۽ صوبائي نائب امير محمد حسين محنتي پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *