سنڌ بجيٽ خلاف ايم ڪيو ايم جي سڏ تي اڌ ڏينهن هڙتال کانپوءِ عام زندگي معمول تي اچي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بجيٽ خلاف ايم ڪيو ايم جي سڏ تي ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڌ ڏينهن جي هڙتال ڪئي وئي،ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جي اعلان تحت منجهند جو هڪ وڳي تائين ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رهڻ کانپوءِ عام زندگي معمول تي اچڻ شروع ٿي وئي، ڪراچي ۾ صبح جو بند ٿيل هوٽل، دڪان ، آچر بازارون ، پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون کلي ويون،  جڏهن ته رستن تي ٽريفڪ به روان دوان آهي ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي طرفان هڪ ڏينهن جي هڙتال واري اعلان کانپوءِ وري اڏ ڏينهن هڙتال جو سڏ ڏيندي منجهند جو هڪ وڳي ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ کولڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي. ان کانسواءِ حيدرآباد جا شهري علائقا به صبح جو بند رهيا،جيڪي منجهند جو هڪ وڳي کانپوءِ کلي ويا، نوابشاهه، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص ۽ ڪجه ٻين شهرن ۾ به جزوي هڙتال کانپوءِ عام زندگي معمول تي اچي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *