سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سنڌ جي زمين تي قبضا ۽ بحريه ٽائون خلاف ڌرڻو هڻڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ايراضي تي قبضا ۽ بحريه ٽائون پاران مقامي ماڻهن کي تڙي ڪڍڻ جي خلاف 6 جون تي بحريه ٽائون ڪراچي جي سامهون ڌرڻو هنيو ويندو جنهن جون تياريون تيز ٿي ويون آهن ڌرڻي جي تيارين جي سلسلي ۾ مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه، اعجاز سامٽيو، خواجه نويد امين، منير نائچ ۽ ٻين سان گڏ سفوران ڳوٺ، چڪرا ڳوٺ، گلشن معمار، ملير، ڪورنگي سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو ان موقعي تي سيد زين شاهه ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مال غنيمت نه آهي جو جنهن کي هر حڪمران بي رحمي سان لٽيندو رهيو آهي سنڌ جي عوام هاڻي جاڳي پئي آهي، ڪنهن غاصب کي هاڻي هارين کي آباد ڪرڻ زمينن تي قبضن سميت ٻين ظلمن جي اجازت نه ڏني ويندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام جو سوڌو ڪري اقتدار ۾ رهڻ چاهي ٿي گذريل 13 سالن کان سنڌ تي پارٽي جو زرداري راڄ قائم آهي جنهن جو ڪم سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون نيلام ڪرڻ سان کربين رپين جي مني لانڊرنگ ۽ پراپرٽيز ٺاهڻ آهي ان جي نتيجي ۾ سنڌ جون زمينون بحريه ٽائون جهڙي ميگا پروجيڪٽس جي حوالي ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن سان سنڌ جا اصل رهواسي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ جو خطرو وڌي چڪو آهي، بحريه ٽائون جي قبضي هيٺ 45 قديمي ڳوٺ اچي چڪا آهن هتان جي رهواسين جي سوين گهرن کان علاوه، اسپتال، اسڪول، قبرستان، مسجدون ۽ مندر ڊاهي پٽ ڪي اويا آهن ان سان گڏ ئي ڪيترائي قيديم تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ تباهه ڪيا ويا آهن عظيم صوفي شاهر شاهه عبداللطيف جي تڪيو (رهائشگاهه) تي مسجد ٺاهي پئي وڃي. ايتري قدر جو قبضي لاءِ مزار کي به استعمال ڪيو پيو وڃي علائقي جي قدرتي اڏاوت کي پٽ ڪري 500 کان 800 فوٽ تائين جبلن کي ڪٽي ڊاهي هزارين سال جي فطري امن ۾ ٺهيل برساتي نالن کي پلاٽن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن سان زرعي زمينن لاءِ برساتي پاڻي جو قدرتي وسيلو بند ٿي ويندو ۽ انساني زندگي لاءِ خطرا جنم وٺي سگهن ٿا. پيپلزپارٽي زرداري مافيا ڪراچي جي زمينن جي تباهي کان پوءِ هاڻي ڄامشوري ضلعي جي ٿاڻي ڀولا خان تعلقي جون ڪيتريون ئي زمينون غيرقانوني طور تي سنڌ دشمن ملڪ رياض جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن.اهڙي منصوبي لاءِ پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ اسيمبلي کي به رٻڙ اسٽيمپ طور استعمال ڪيو آهي غيرقانوني قدمن کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ اسيمبلي مان قانون ٺاهيا ويا آهن سنڌ جي زمينن تي هتان جي رهواسين جو حق آهي اسان ڪنهن کي صوبي جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين هن گهر ڪئي ته سنڌ جي زمينن تي غيرقانوني طور تي قائم بحريه ٽائون ۽ ٻين ميگا پروجيڪٽس کي الاٽ زمين ڪينسل ڪئي وڃي ۽ تعميرات کي بند ڪيو وڃي هن گهر ڪئي ته سنڌ کان ٻاهر وارن ماڻهن جي آبادي روڪي وڃي ۽ سنڌ جي مستقل رهواسين کي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *