سنڌ امڙ آهي، اُن کي ڪير به ورهائي نٿو سگهي: تاج حيدر /قادر پٽيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عبدالقادري پٽيل چيو آهي ته لبرل چورائيندڙ پارٽي مذهبي انتهاپسندي اختيار ڪري ورتي آهي تاج حيدر چيو آهي ته ڏڦيڙ پکيڙڻ درست ناهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عبدالقادري پٽيل چيو آهي ته سياسي انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وي، خورشيد شاهه دل آزاري تي پنهنجي بيان تي معذرت به ڪئي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ماڻهن کي قوميت جي نالي تي ويڙهايو ويندو، لبرل هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ پارٽي مذهبي انتهاپسندي جي ڳالهه ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ امڙ آهي اُن کي ڪير به ورهائي نٿو سگهي. تاج حيدر جو چوڻ هو ته اردو سنڌي لکندڙن ۾ فرق نٿا ڪن. مهاجر سنڌ جي ملڪيت ۾ شريڪ آهن، ڪرائيدار ناهن، هوا ڏيڻ سان ڇڪتاڻ وڌندي، نفرتون نفرتن کي وڌائين ٿيون. انهيءَ موقعي تي اين ڊي ان چيو ته دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *