سنڌ امن ۽ امان جو گهوارو ۽ صوفين جي ڌرتي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي جي نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي 96 رڪني وفد قائم مقام نائيب صدر اين يو ڊي  ميجر جنرل آصف علي جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ 3 سينيٽرن، 14 ايم اين اي، 16 ايم پي اي، 4 بيورو ڪريٽ، 3 آرمي آفيسرن، 48 سول سوسائٽي جي فردن ۽ 9 فيڪلٽي جي اسٽاف ميمبرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سان گڏ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، مشير قانون مرتضيٰ وهاب، چيئرپرسن منصوبابندي ۽ ترقي ناهيد شاهه، آئي جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري داخله شامل هئا. ملاقات ۾ پريزينٽيشن، سوال ۽ جواب ۽ بحث شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ابتدائي لفظن ۾ وفد کي ڀليڪار چوندي چيو ته اوهان کي باب الاسلام سنڌ ڌرتي اچڻ تي خوش آمديد چئون ٿا. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي اها اسيمبلي آهي جنهن پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي ۽ اڄ هن اسيمبلي جي ووٽ سان آئون وڏو وزير آهيان. هن چيو ته سنڌ امن ۽ امان جو گهوارو ۽ صوفين جي ڌرتي آهي. سنڌ لعل شهباز قلندر رحه، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، حضرت سچل سرمست، سامي جي ڌرتي آهي. وڏي وزير چيو ته هن صوفين جي ڌرتي کي نظر لڳي وئي هئي، امان ۽ امان ايترو خراب ٿيو جو نو گو ايريا ٺهي ويا هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌ اهو صوبو آهي جنهن ۾ هر مذهب، هر زبان، هر فرقي ۽ مختلف سوچ جا ماڻهو محبت سان رهن ٿا. هن ماضي جا حالات ٻڌائيندي چيو ته 2008 ۾ امن امان جي صورتحال شديد خراب هئي، پوليس ۽ آرمي جي اسڪواڊ کانسواءِ اوهان هاءِ وي تي سفر ڪري نه سگهندا هئا. 2008 ۾ اسان جي پهرين ترجيح صوبي ۾ امن امان کي بحال ڪرڻو هو. 2010 تائين اسان عوام جي عام زندگي کي بحال ڪيو. هن چيو آئون پنهنيج پاڪ فوج، رينجرز، سنڌ پوليس، انٽيلي جنس ادارن جو گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن محنت سان امن امان بحال ڪيو. دهشتگردي، ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ وڏا ڏوهه هئا ۽ ڪاروباري ماڻهو پريشان هئا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي سياسي عزم سان امن امان بحال ٿيو، ڪاروبار کي هٿي ملي ۽ ثقافتي سرگرميون بحال ٿيون. مراد علي شاهه چيو ته ٻيو وڏو مسئلو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بحران هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو بجلي جي بحران کي محسوس ڪندي ٿر جي ڪوئلي تي ڪم جي بنياد رکي. ڪيترائي مسئلا ٿيا پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ٿر جي ڪوئلي مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ هڪ انقلاب کان گهٽ نه آهي. ٿرڪول انرجي بورڊ اهو واحد بورڊ آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت جي نمائندگي آهي. وڏي وزير چيو ته ملڪ جو 96 سيڪڙو ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ ۾ آهن. جڏهن ٿرڪول لاءِ ساورين گارنٽي گهربل هئي ته اڍائي سال لڳي ويا. ٿر مان جيڪي بجلي پيدا ٿي آهي اها نيشنل گرڊ ۾ وڃي پئي. هن ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ٿرڪول بلاڪ ون تي هڪ چائنيز ڪمپني ڪم شروع ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪابه ڪمپني نه پئي اچي ته چين جي ڪمپني آئي ۽ هن پاور پلانٽ لڳايو. جڏهن 1988 ۾ هانگ ڪانگ بيسڊ گورڊن وائو آيو هو ته 0.3 سينٽ ٽيرف جي چڪر ۾ کيس واپس ڪيو ويو نه ته اڄ بجلي جو بحران نه هجي ها. اڄ گورڊن وائو پاڪستان اچڻ لاءِ راضي ڪونهي. هن چيو ته اسان مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي عزت ڏيڻي پوندي ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسڻو پوندو. چين ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ ميجر شيئر ورتا آهن. ٿر بلاڪ ون ۾ به ڪم شروع ڪيو آهي. وڏي وزير اين ڊي يو جي وفد کي ٿر جو دورو ڪرڻ جي آڇ ڏيندي چيو ته اوهان ٿر جو دورو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت پاران ترقياتي انقلابي ڪمن کي ڏسو. هن ٻڌايو ته اسان 100 بلين رپيا ٿر جا روڊ بڻائڻ تي خرچ ڪيا آهن. اسان توانائي ۾ ونڊ ڪوريڊور ۽ سولر ڪوريڊور بڻايا آهن. ونڊ انرجي سان اسان 50000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا جڏهن ته هن وقت اسان ونڊ ڪوريڊور مان 1000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن پنهنجي گرڊ ڪمپني قائم ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته 2008 ۾ اسان وفاقي حڪومت کان سروسز تي سيلز ٽيڪس وٺڻ لاءِ درخواست ڪئي. ارڙهين ترميم ۾ سيلز ٽيڪس آن سروسز کي صوبائي ڪم قرار ڏنو ويو. 12-2011 ۾ اسان سيلز ٽيڪس جي وصولي شروع ڪئي. 11-2010 ۾ وفاقي حڪومت 14.5 بلين رپيا سيلز ٽيڪس ۾ ڏنا. اسان 12-2011 ۾ 24 بلين رپيا گڏ ڪيا ۽ هاڻي اسان جو هدف 140 بلين رپيا آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته معيشت جي پاليسي م مسئلا هجڻ سان ملڪي معيشت ويهجي وئي آهي، اسان کي درست ڪرڻو پوندو. سنڌ کانپوءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواه به سيلز ٽيڪس آن سروسز گڏ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. بلوچستان هاڻي گڏ ڪري رهيو آهي ۽ اسان ان سلسلي ۾ مدد ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي درخواست ڪري رهيا آهيون ته سيلز ٽيڪس آن گڊز به صوبن کي ڏنو وڃي ۽ اسان بهتر طريقي سان ان کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا ان ۾ سڀني جو حصو آهي، اسان فقط ڪليڪشن جو ڪم وٺڻ چاهيون ٿا. وفاق صوبن سان گڏ ڪم ڪرڻ سکي ۽ اسان وفاق سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون. سنڌ پنهنجي وسيلن سان ٿر ۾ ايئرپورٽ بڻايو آهي. سنڌ حڪومت 2 پل درياءِ سنڌ تي اڏيا آهن. هن وقت درياءِ سنڌ تي ڊگهي پل بڻائي وئي آهي. اين ايڇ اي جي حصي ۾ روڊن ۽ پلن جي تعمير آهي. رائيٽ بينڪ تي سمورا روڊ اين ايڇ اي ڊوئل ڪيريج وي بڻايا آهن. 135 ڪلوميٽر ڄامشورو-سيوهڻ ڊوئل ڪيريج وي رهجي ويو هو. جڏهن مون روڊ بڻائڻ لاءِ چيو ته وفاقي حڪومت چيو ته سنڌ حڪومت به ان ۾ فنڊز ڏي. اسان 50 سيڪڙو جي ڪمٽمينٽ ڪئي، 7 بلين رپيا ڏنا. 7 اپريل 2017 تي آئون وفاقي حڪومت کي 7 بلين رپيا ڏنا ته جيئن ڄامشورو کان سيوهڻ تائين روڊ بڻجي وڃي. نومبر 2017 ۾ ان روڊ جي پيڙ جو پٿر واري تقريب ٿي. عام چونڊون ٿيون جنهن ۾ ٻيهر وڏو وزير بڻجي ويس ته آئون وزيراعظم کي خط لکيو ته روڊ تي ڪم ڪرايو وڃي. وزيراعظم مواصلات واري وزير مملڪت کي هدايت ڪئي ته هو روڊ جي ڪنسٽرڪشن ڪرائي. وزير مملڪت جڏهن ڪراچي آيو ته هن پيغام ڏنو ته جيڪڏهن اوهان کي ملڻو آهي ته گورنر هائوس اچو. پنجاب مان جيئن ئي اوهان سنڌ جي شهر اٻاوڙو ايندو ته روڊن جو معيار اوهان کي بهتر نظر نه ايندو ، اهو فرق آهي اين ايڇ اي جو پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪيترائي فنڊز گهربل آهن. اسان جي حڪومت شاهراه فيصل جي نئين سر تعمير ڪئي ۽ اسان ڪوٽڙي کان وٺي مٺي تائين روڊ تعمير ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته ايشيا جو بهترين پي پي پي يونٽ سنڌ ۾ آهي. دي اڪانامسٽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ رپورٽ شايع ڪئي آهي، هن سنڌ ۽ گجرات کي بهترين پي پي پي يونٽ ڊڪليئر ڪيو آهي. اسان جهرڪ-ملاڪاتيار جي جاءِ تي درياءَ سنڌ تي پل جي تعمير پي پي پي موڊ تحت ڪئي آهي. اسان ٿرڪول ۾ مائيننگ جو ڪم پي پي پي موڊ تي ڪيو. اسان حيدرآباد-ميرپورخاص، ڪراچي-ٺٽو روڊ به پي پي پي موڊ تي ٺاهيا. وڏي وزير وفد کي خطاب ڪندي چيو ته اين آئي سي وي ڊي دنيا ۾ واحد اسپتال آهي جتي هرٽ سرجري، انجيوگرافي بلڪل مفت ٿيندي آهي. جناح اسپتال جي سائبر نائيف ۾ ڪينسر  جو علاج مفت ٿيندو آهي، هن يونٽ مان 6 ملڪن جا ماڻهو فائدو کڻن ٿا. وڏي وزير تعريف ڪندي چيو ته اسان جو آئي جي صاحب بهترين پريزينٽيشن ٺاهيندا آهن. انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام وفد کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته سنڌ پوليس 1843 ۾ قائم ٿي جنهن جي هن وقت 4245 اسٽرينٿ هئي. 2013 ۾ 503 ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا ٿيا ۽ 2019 ۾ 15 ڪيس ٿيا. 2013 ۾ ڪراچي خطرناڪ شهر ڊڪليئر ٿيو هو ۽ هاڻي اهو داغ ڪراچي مان مٽجي ڪونه ٿو. گاڏين جو کسجڻ 2013 ۾ 891 ۽ هاڻي 2019 ۾ 181 آهي. ٽارگيٽڊ آپريشن سبب 800 عسڪريت پسندن هٿيار ڦِٽي ڪيا. 2013 کان 584 پوليس اهلڪارن شهادت ماڻي. سنڌ پوليس ۾ بهترين ٽريننگ، بهترين پگهارون ۽ ٻيا فائدا متعارف ڪرايا آهن. پوليس فنڊ بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽ آڊٽ تعينات ڪرڻ وڃون پيا. چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه پريزينٽيشن ڏيندي چيو ته سنڌ کي 6 کان 7 سيڪڙو فنڊز جي ايلوڪيشن گروٿ گهرجي. سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ تي گهڻو ڪم ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ بهترين سازگار ماحول بڻايو ويو آهي. سنڌ بزنس رجسٽريشن پورٽل مختلف کاتن سان سلهاڙيل آهي. سنڌ ۾ پرائمري ۾ 4.5 ملين سرڪاري ۽ 1.4 ملين پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻار رجسٽرڊ آهن. 137 بلين جي گرانٽ ميگاهيلٿ انسٽيٽوٽس کي ڏنا ويندا آهن. سوالن ۽ جوابن واري سلسلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 6 انڊسٽريل ايرياز آهن. آئون صنعتڪارن سان ملندو رهندو آهيان. آئون سائيٽ ايسوسي ايشن کي 2.6 بلين رپين جي فنڊنگ ڏني آهي ته جيئن پنهنجو روڊ نيٽ ورڪ بهتر ڪري سگهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪچري جي ڪليڪشن لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ 2013 جي تحت ڊي ايم سيز جو ڪم آهي. ڪراچي ۾ جڏهن ڊي ايم سيز ڪم ڪري رهي هئي ته روزاني لينڊفل سائيٽ تي 3 کان 4 هزار ٽن ڪچرو ايندو هو، جنهن جو مطلب هي هو ته ڪچرو کڄي نه رهيو هو. اسان ايس ايس ڊبليو ايم اي ٺاهي جنهن کي ڊي ايم سيز اختيار ڏنا ته اهي کين ڪچرو کڻين. اسان ڪچري مان بجلي ۽ گيس ٺاهي سگهون ٿا. هاڻي ايس ايس ڊبليو ايم اي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ شهادتون پيپلز پارٽي جي سياسي اڳواڻن ۽ ورڪرن ڏنيون آهن. حڪومت جي اپائن کانپوءِ پوليٽيڪل ڪلنگ گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويون آهن. هن شهر ۾ روزاني اوسط 8 قتل ٿيندا هئا، هاڻي حالات بهتر آهن اهو ريشو گهٽجي هڪ سيڪڙو رهجي ويو آهي. آئي جي پوليس ٻڌايو ته ڪراچي هڪ وڏو شهر آهي جنهن ۾ 2700 ڪيمرا لڳل آهن ۽ ماڻهن پنهنجي آڌار تي پڻ ڪيمرا لڳايا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جا چائلڊ اينڊ وومين پروٽيڪشن يونٽ قائم آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *