سنڌ اسيمبلي ۾ گريٽر ٿل ڪئنال 2 ۽ جلال پور ڪئنال اڏاوت خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي سومر تي پنهنجي اجلاس ۾ گريٽر ٿل ڪئنال ٽو ۽ جلال پور ڪئنال جي اڏاوت جي خلاف ٺهراءُاڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ٺهراءُ ڄام خان شورو پيش ڪيو جنهن ۾ چيو ويو هو ته سنڌ جي مخالفت جي باوجود پنجاب ۾ تڪراري ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن اهڙي قدم سان سنڌ سڪي ويندي. ٺهراءُ جي منظوري جي موقعي تي پي ٽي آئي ميمبر ايوان مان نڪري ويا جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ميمبرن جي ٺهراءُ جي حمايت ڪئي جنهن تي ڄام خان شورو چيو ته پي ٽي آئي جا دوست ڪيڏي اهم ٺهراءُ تي هليا ويا سندس چوڻ هو ته اسان جو دارومدار پاڻي تي آهي، هن چيو ته 1937 تي هڪ ڪميٽي ٺهي هئي ان تي به اهو هو ته سنڌ جي اجازت کان سواءِ سنڌ جي پاڻي تي ڪجهه نه ٿيندو پاڻي جي ايلوڪيشن سيٽ ٿي هئي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان وٽ ٻه بئراج ٺهيا انهن جي اڏاوت سياسي ٺاهه تحت ٿي ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ اسان جي صوبائي حيثيت ختم ڪئي وئي هن چيو ته اسان جا 3 درياهه دشمن ملڪ کي وڪروڪري ڏنا وڃن ٿا هي تاريخ جو ڪارو چٽو آهي اسان جي اجازت بنا اهي ڏنا ويا. هن چيو ته فضل اڪبر ڪميشن ٺهيو ته ان تي اتفاق نه ٿي سگهيو 1991 تي پاڻي معاهدو ٿئي ٿو ان مطابق سنڌ کي 48 ايم ايف مليو ان وقت 4 وڏن وزيرن ارسا ايڪٽ ٺاهيو ان تي عمل ڪرايو وڃي. اسان کي پاڻي ٺاهه مطابق پاڻي نه پيو ڏنو وڃي 20 سالن ۾ رڳو 2 سال پاڻي موجود هو. پر هر سال پاڻي جي کوٽ ڏسي رهيا آهيون اسان جي اها کوٽ 50 سيڪڙو تائين ٿي وئي ٻئي پاسي نوان ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن هن چيو ته جلالپور ڪئنال ذريعي پنجاب ۾ نئين زمين آباد ڪري رهيا آهن هتي ٺٽي جون زمينون بنجر ٿي رهيون آهن 28 آڪٽوبر تي هڪ ليٽر ايو ته گريٽر ٿر ڪئنال فيز ٽو ٺاهي رهيا آهيون ان سان به نئين زمين کي آباد ڪري رهيا آهيون ڄام خان شورو چيو ته هڪ پاسي چون ٿا ته پاڻي جي کوت آهي، ٻئي پاسي 20 لک ايڪڙ نئين زمين آباد ڪرڻ وڃي رهيا آهن مان ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جو ٿورائتو آهيان جن هن معاملي تي اسان جو ساٿ ڏنو هن چيو ته اسان جي 30 لک ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي ايم ڪيو ايم جي محمد حسين جي ٺهراءُ ۾ ترميم پيش ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت وفاق سان قانوني سطح تي اعتراض ڪري هن چيو ته سنڌ جي مفاد تي اسان ڪڏهن به سوديبازي نه ڪدناسين جيتوڻيڪ اسان جي ۽ پيپلزپارٽي جي سياست بلڪل ڌار ڌار شيون آهن. هن چيو ته سنڌ سان گڏوگڏ ڪراچي جي شهرين کي به سندن ضرورتن مطابق پاڻي ملڻ گهرجي جيستائين سنڌ صوبو ان تي اتفاق نه ڪري اوهان هي اڏاوت شروع نه ڪريو پيپلزپارٽي جي رياض شاهه شيرازي چيو ته وفاق سمجهي رهيو آهي ته هو 17 لک ايڪڙ زمين آباد ڪندو. امداد پتافي چيو ته هن اسيمبلي جي ٺهراءُ سان پاڪستان ٺهيو هن اسيمبلي جي ٺهراءُ تي ڪالاباغ ڊيم ناهي ٺهيو انشاءالله هن اسيمبلي جي ٺهراءُ ان هي ڪئنال به نه ٺهندو. اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شآهه ٺهراءُ خيالن جو اظهار ڪندي چيوت ها سان کي ناهي خبر ته وفاق ۾ ويٺل ماڻهو ڪهڙي ڪهڙِ طريقي سان سنڌ کي ماريندا اسان اڳ به پنهنجي ڳالهه مڃرائي هئي پهريان به جڏهن ٿل ڪئنال ٺهي ويو هو اسان احتجاج ڪيو صدين کان پاڻي جو مسئلو هلي رهيو آهي انگرين جي ڏينهن ۾ چيو ويو ته پهريون حق سنڌ جو آهي پر هي سنڌ کي مايوس ڪري رهيا آهن پ پ وارا ذوالفقارعلي ڀٽو جي دور کان جدوجهد ڪري رهيا اهن اسان کي تنگ نه ڪريو ڪراچي رڳو ايم ڪيو ايم جو نه اسان جو به آهي ڪراچي لاءِ ڇو نه اٿنداسين جنهن کان پوءِ ايوان ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *