سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي ميرپورخاص ٽرين سروس بحال ڪرڻ ۽ ڪينسر جي سڃاڻپ جا سينٽر قائم ڪرڻ وارا ٺهراءَ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪراچي ميرپورخاص ٽرين سروس بحال ڪرڻ ۽ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ جا سينٽر قائم ڪرڻ وارا ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪيا ويا. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو، فاروق دادا کي دهشتگرد ڪوٺڻ تي سندس بيوهه ايوان ۾ احتجاج ڪيو. متحده جي ايم پي اي شازيه فاروق اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته 1995 ۾ سندس مڙس فاروق دادا کي قتل ڪيو ويو، کيس گهران وٺي وڃي ماريو ويو ۽ ان وقت جي گهرو وزير کائنس معافي به ورتي هئي پر شرجيل ميمڻ ان کي دهشتگرد قرار ڏنو آهي جنهن تي سندس دل آزاري ٿي آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني شازيه فاروق کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، متحده جي ميمبر خواجه اظهار الحسن چيو ته شازيه فاروق جي مڙس کي قتل ڪيو ويو آهي هو ان تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿا ڪن، سندس احساسن کي سمجهيو وڃي. اجلاس ۾ ڪراچي ميرپورخاص ٽرين سروس بحال ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، ٺهراءَ ايم ڪيو ايم جي ميمبر ظفر احمد ڪمالي پيش ڪيو. پيپلز پارٽي جي ايم پي اي خيرالنساءَ عورتن جي ڇاتي جي ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ سڄي سنڌ ۾ مرڪز قائم ڪرڻ جو ٺهراءَ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ خيرالنساءَ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب وڏي تعداد ۾ عورتون موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون، ان لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان اهو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، بعد ۾ اسپيڪر اجلاس 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *