سنڌ اسيمبلي ۾ ميئر کي اختيار ڏيڻ بابت ايم ڪيو ايم جو بل رد، ايوان ۾ گوڙ، اسپيڪر ڊائس سامهون پهچي نعرا ۽ واڪ آئوٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ميئر کي اختيار ڏيڻ بابت ايم ڪيو ايم جو بل رد ٿي ويو، جنهن تي متحده ميمبرن سخت احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته ڪراچي ۾ ميئر کي اختيار ڏيڻ بابت ايم ڪيو ايم جو بل رد ڪيو ويو، شهلا رضا پاران بل رد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جا ميمبر مڇرجي پيا ۽ ايوان ۾ سخت گوڙ ڪندي نعرا هڻندا اسپيڪر جي ڊائس سامهون پهچي ويا، جتي پڻ زوردار نعريبازي ڪندا رهيا، ان دوران ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏئي رهيو هو، ڊپٽي اسپيڪر ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي احتجاج ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي سيٽن تي وڃڻ جي هدايت ڪئي پر انهن سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ نعرا هڻندا ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر هليا ويا، ايم ڪيو ايم جي ميمبر خالد احمد خان جو چوڻ هو ته ڪراچي واٽر بورڊ جو چيئرمين ميئر هوندو هو پر اهو اختيار به هاڻ هڪ وزير کي ڏنو ويو آهي،جيڪا ناانصافي آهي، ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي جو چوڻ هو ته اجائي اشو ٺاهيو پيو وڃي، مڪاني چونڊن  ۾ جنهن به کٽيو ۽ جنهن هارايو، اسان انهن سڀني جو مينڊيٽ مڃيو، مڪاني چونڊون ٿي ويون آهن ۽ اختيار به قانون مطابق ملي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *