سنڌ اسيمبلي ۾ متحده ايم پي ايز ڪراچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وڌيڪ رٿائون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ متحده ايم پي ايز  ڪراچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وڌيڪ رٿائون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پ پ ايم پي اي سڪندر شوري چيو آهي ته سنڌ کي شهري ۽ ٻهراڙي ۾ ورهائي سياست نه چمڪائي وڃي،  ايم پي ايز  فنڊز جاري نه ڪرڻ تي وفاقي سرڪار تي به سخت  تنقيد ڪئي آهي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اڄ ٻئي ڏينهن به   بجيٽ خرچن ۽ نئين مالي سال جي بجيٽ تجويزن تي بحث دوران متحده جي ايم پي ايز پاران فنڊز جاري نه ٿيڻ ۽ ترقياتي اسڪيمن ۾ نظر انداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون ويون.  متحده جي محمد حسين چيو ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ڪراچي لاءِ 25 ارب رپين جون اسڪيمون ظاهر ڪيون ويون، روڊن جي تعمير لاءِ 5 سئو 88 ملين رپيا رکيا ويا، پر رقم رڳو 42 سيڪڙو جاري ڪئي وئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي بحران اوچتو ڪر ناهي کنيو ۽پاڻي جي 70 اسڪيمن تي هلندڙ سال ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. محمد حسين چيو ته پنجاب حڪومت لاهور جي ترقي تي اربين رپيا خرچ ڪري ٿي،سنڌ سرڪار کي به ڪراچي کي اون ڪرڻ گهرجي، پ پ ايم پي اي غزالا سيال وفاق پاران رهتون جاري نه ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪندي فوري طور رهتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. فنڪشنل ليگ جي وريام فقير خاصخيلي چيو ته سنڌ جي ترقي ڪاغذن تائين محدود آهي ۽ زراعت جي تباهي تي حڪومت جي خاموشي ظلم آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن 10 ۽ 20 سيڪڙو نه پر  100 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اجلاس دوران متحده  ايم پي ايز  ڪراچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وڌيڪ رٿائون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو . متحده جي ظفر ڪمالي چيو ته ميرپورخاص کي تعليم ۽ صحت جي معاملي ۾ پوئتي  رکيو ويو آهي، اسپتالن ۾ نه ماهر ڊاڪٽر آهن نه دوائون ۽ نه ئي وري مشينري آهي. ظفرڪمالي چيو ته گهرو کاتي جي 65 سيڪڙو بجيٽ خرچ ٿيڻ باوجود پوليس موبائلن کي ڌڪا ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته ميرپورخاص کي هڪ ارب روپين جي پيڪيج مان ڪجهه نه مليو، پ پ نمائندا ان زيادتي تي خاموش آهن، جنهن تي خيرالنساءُ مغل احتجاج ڪندي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسپيڪر کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني. متحده جي ديوان چند چيو ته سکر جي حالت خراب آهي ۽ رکيل رقم مان رڳو 16 سيڪڙو رقم خرچ ڪئي وئي آهي. پ پ جي سڪندر شوري چيو ته سنڌ کي شهري ۽ ٻهراڙي ۾ ورهائي سياست نه چمڪائي وڃي، صوبي جي بجيٽ جو 51 سيڪڙو شهرن تي خرچ ٿئي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *