سنڌ اسيمبلي ۾ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل منظور، اپوزيشن جو احتجاج، گوڙ، نعريبازي

ڪراچي(اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي جمعي تي اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ جي باوجود سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2021 منطور ڪري ورتو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه بل پيش ڪيو هو بل ايوان ۾ اڄن جي موقعي تي اپوزيشن ان ڳالهه تي سخت احتجاج ڪيو ته بل جيڪاپي به فراهم ناهي ڪئي وئي ناصر شاهه چيو ته مون وٽ اپوزيشن پارٽين جون لکت تجويزون موجود آهن. ۽ اسان انهن مان ڪيترن ئي تجويزن کي بل ۾ شامل ڪيو آهي هن اهو به چيو ته جيڪڏهن اوهان بلدياتي اليڪشن نئين قانون تحت نٿا چاهيو تهپوءِ اليڪشن پراڻي قانون تي ڪرائي وٺون ٿا ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته هي ڪوئي آسماني ڪتاب نه آهي جو بعد ۾ ان ۾ڪائي تبديلي نٿي ٿي سگهي بل جڏهن ايوان ۾ متعارف ڪرايو ويو ته اپوزيشن ميمبرن شور ڪيو زبردست احتجاج ڪيو ان موقعي تي ايجنڊا جونڪاليو0ن ڦاڙيون ويون ۽ اپوزيشن ميمبرن بل نامنطور نامنطور جا نعرا هنيا اندوران لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل جي ايوان مان مرحليوار منطوري ورتي وئي احتجاج کان پو3 اپوزيشنپارٽين ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ ٿوري دير ۾ ايوان ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ بلديات وزير پاران چيو ويو ته هي بل گڏيل طور تي منطور ڪيو ويو آهي هن چيوته اپوزيشن ميمبرن پنهنجي جمع ڪرايل ترميمون ايوان ۾ پيش ناهن ڪيون هن چيو ته هي اسان جي ليڊرشپ جو ويزن آهي مان سڀني جو ٿورائتوآهيان هن چيو ته ٽي ايل پي جي عورت ميمبر موجود آهي. هن به بل جي حمايت ڪئي آ هي ايوان پنهنجي ڪارروائي دوران سنڌ اسيمبلي ٽيلي ميڊيسن اينڊ ٽيلي هيلٿ بل 2021 گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو اهي بل منظور ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ختم ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جمعي تي بلدياتي قانون ۾ ترميمن کي جيڪو بل سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايوآهي ان تحت صوبي ۾بلدياتي ادارنکي حاصل اختيارگهٽائي ان جا اختيار ۽ذميواريون به سنڌ حڪومت پاڻ پنهنجي ذمي وٺي ڇڏيون آهن سنڌ جي نئين بلدياتي ترميمي ايڪٽ تحت صوبي ۾ نافذ العمل بلدياتي نظام جي پوري شڪل کي تبديل ڪيو ويو آهي ڪيترائي کاتا بلدياتي ادارن کان وٺي سنڌ حڪومت پنهنجي ماتحت ڪيا آهن. نئين قانون تحت ضلعا ڪائونسل ختم ڪري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن قائم ڪئي ويندي ميونزپل ٽائون جي آبادي هڪ لک 25 هزار تائين هوندي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي حد ۾ڪوئي ٻهراڙي وارو علائقو نه هوندو يونين ڪميٽيز جا وائيس چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪائونسل جا ميمبر هوندا نئين بل ۾ميٽروپوليٽن سستم ۾ ضلعا ختم ڪري ٽائون نظام متعارف ڪرايو ويو اهي ميئر ڊپٽي ميئر جي چونڊ شو آف هيند جي بدران ڳجهي ڳڻپ جي ذريعي ٿيندي ٽائون ميونسپل ڪائونسل جا ميمبر پاڻ منجهان ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيچونڊ ڪري سگهندا مڪاني ادارن جي حلف کڻڻ جي مدي کان وٺي چئن سالن تائين هوندو ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جيآبادي 50 لک هوندي ڪراچي مان ڊسٽرڪٽ ڪائونسلکي ختم ڪيو ويو ڊسترڪٽ ڪائونسل جي جڳهه ٽائون ميونسپل هوندي ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ڪي ايم سي کان وٺي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو، عباسي شهيد، سوڀراج اسپتال، ليپروسي سينٽر، سرفراز رفيقي سينٽر ڪي ايم سي کان وڍي سنڌ حڪومت جي حوالي ٿي ويو آهي ڄم ۽ موت جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جو ڪم بلياتي ادارن کان واپس ورتو ويو آهي انفيڪشن ڊزيز جو شعبو بلياتي ادارن کان واپس ٿي ويو آهي پبلڪ ٽوائلٽس بلدياتي ادارن جي انتظام هيٺ رهندا نئين قانون تحت مڪاني ادارا صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڪوئي ڪم نه ڪري سگهندا. پبلڪ هيلٿ پرائمري هيلٿ جو شعبو بلياتي ادارن کان واپس ورتو ويو. بلدياتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ طبي عملو سنڌ حڪومت جي ماتحت هوندو جڏهن ته بل تحت شادي هال، ڪلبز کان ايڊورٽائيزنگ فيس بلياتي ادارا وصول ڪندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *