سنڌ اسيمبلي ۾ عدالت مان ڪو به ڪيس ختم ڪرائڻ جو بل منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ دهشتگردي جي خاتمي وارين عدالتن سميت عام عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ختم ڪرڻ جو قانون اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. مخالف ڌر ان کي ڪارو قانون قرار ڏيندي احتجاج ڪيو. جمعي جي ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت ۾ ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير نثار احمد کهڙو ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس ترميمي بل 2015 پيش ڪيو، جنهن کي ايوان مخالف ڌر جي هل هنگامي جي باوجود اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. منظور ڪيل بل ۾ پراسيڪيوٽرز جي مقرري ۽ ان جي ڪارڪردگي کي اثرائتو بنائڻ جي لاءِ ترميم ڪئي وئي آهي. حڪومت کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت عام عدالتن ۾ ڪنهن به ڏوهه جي هلندڙ ڪيس کي عدالتي فيصلي کان اڳ ۾ ڪنهن به مرحلي تي واپس وٺڻ جو اختيار هوندو پر ان لاءِ حڪومت پراسيڪيوٽر جنرل يا ڪنهن به پراسيڪيوٽر جي ذريعي عدالتن کي تحريري سببن سان گڏ ڪيس روڪڻ جي درخواست ڪندي پوءِ به عدالتن جي اجازت کان سواءِ ڪنهن به جوابدار کي آزاد نٿو ڪري سگهجي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر، سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن ترميمي بل کي مڪمل طور رد ڪندي چيو آهي ته بل ذريعي حڪومت پنهنجي ڪرپٽ وزيرن ۽ پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ چاهي ٿي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن، نصرت سحر عباسي ۽ خرم شير زمان چيو ته حڪومت پنهنجي ڪرتوتن کي لِڪائڻ، ڪرپٽ ۽ روپوش وزيرن کي بچائڻ لاءِ ايوان اندر بل آندو. مخالف ڌر جي اڳواڻن الزام لڳايو ته ڊاڪٽر عاصم،ملڪ مان ڀڄي ويل وزيرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن کي بچائڻ چاهي ٿي پر هـُو انهيءَ بل تي عمل ٿيڻ نه ڏيندا. هنن چيو ته ڪاري قانون خلاف هـُو هر فورم تي احتجاج ڪندا. اڳواڻن چيو ته بل ذريعي حڪومت عدالتن کي پنهنجي اشارن تي هلائڻ چاهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته 494 قانون هيٺ سنڌ حڪومت وٽ اختيار آهن ته هو ڪيس داخل به ڪري سگهي ٿي ۽ ختم به ڪري سگهي ٿي.18 ترميم کانپوءِ صوبا خودمختيار بڻايا ويا هئا پر وفاقي حڪومت اختيار صوبن کي نه پئي ڏئي. جيڪب آباد ۾ ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي گهر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪرمنل پراسيڪيوشن بل وقت جي گهرج هئي،جنهن جي ڪري ان کي پاس ڪيو ويو.بل جي پاس ٿيڻ سان ڏوهاري ماڻهن کي فائدو نه ٿيندو.سندس چوڻ هو ته ايف آئي اي ۽ نيب لاڳيتو سنڌ ۾ ڪارروايون ڪري رهيون آهن جيڪي آئين جي خلاف آهن.ان کان اڳ وڏي وزير آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي نئين عمارت جو افتتاح به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *