سنڌ اسيمبلي ۾ شهلا رضا جي رويي خلاف اپوزيشن جو احتجاج، ايم ڪيو ايم پاران جماعت اسلامي تي پابندي جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي رويي خلاف مخالف ڌر ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪيو جنهن سبب ايوان ۾ گوڙ پيدا ٿي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ جماعت اسلامي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس جي شروعات ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن دانش ڪليم جي قتل تي فاتحه خواني ڪرائي وئي جڏهن ته راولپنڊي جي امام بارگاهه قصر سڪينه تي حملي ۾ شهيد ٿيلن لاءِ پڻ مغفرت جي دعا گهــُري وئي. ٿر ۾ ڏڪار جي خاتمي ۽ رحمت لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ دعا ڪرائي وئي. پ پ ميمبر سهراب سرڪي ٺل شهر کي گئس فراهم ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو ايوان منظور ڪري ورتو. متحده ميمبر سيد سردار احمد پاران پيش ڪيل سنڌ ڪنزيومر پروٽيڪشن بل به اسيمبلي ميمبرن پاس ڪري ڇڏيو. وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي رويي خلاف اپوزيشن ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ احتجاج ڪيو. ميمبرن چيو ته مخالف ڌر کي مسئلا اٿارڻ جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي، شهلا رضا سندن پوائنٽ آف آرڊر نه ٿي وٺي جڏهن ته احتجاج ۾ مسلم ليگ نون ۽ فنڪشنل ليگ ميمبر به شامل ٿيا ۽ ايوان ۾ گوڙ پيدا ٿي ويو. شهلا رضا خلاف احتجاج باوجود ايوان جي ڪارروائي جاري رکي وئي. حڪومتي ميمبر عبدالستار راڄپر ايس ڊي او ورڪس اينڊ سروسز نوشهروفيروز خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪئي جيڪا ڪميٽي حوالي ڪئي وئي. ن ليگ ميمبر سورٺ ٿيٻو چيو ته صفائي لاءِ ٻهارو کڻڻ سٺي ڳالهه آهي، شرجيل ميمڻ کي ڪرپشن خلاف به ٻهارو کڻڻ گهــُرجي. سورٺ ٿيٻو چيو ته اسيمبلي ميمبرن کي صفائي لاءِ مڪاني ادارن واري وزير ٻهارو کڻڻ لاءِ تي چيو آهي پر جيڪڏهن شرجيل ميمڻ ڪرپشن خلاف به ٻهارو کڻي ته عوام کي فائدو ٿيندو. کــُليل آسمان هيٺ پيل ڪڻڪ جي معاملي تي نصرت سحر عباسي مهملي واري رٿ پيش ڪئي. فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته 3 لک ڪڻڪ جون ٻوريون ڀولاري گودام ۾ پيل آهن. حڪومتي بينچن تي ويٺل ميمبرن طرفان مخالفت تي نصرت سحر عباسي، جذباتي ٿي وئي ۽ چيو ته کيس خبر هئي ته سرڪاري بينچن وارا مخالفت ڪندا. سوالن جوابن جي وقفي دوران صوبائي وزير سڪندر مينڌري چيو ته ليبر قانونن ۾ وڌيڪ ترميمن لاءِ حڪومت غور ڪري رهي آهي. سڪندر مينڌري چيو ته پورهيتن لاءِ 8 کان وڌيڪ قانون متعارف ڪرايا ويندا، جڏهن ته مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ڪراچي جي بلديا، ڪياماڙي، لانڍي ۽ ڪورنگي سميت مختلف علائقن ۾ اسڪولن جي سڪيورٽي تي ايم ڪيو ايم ميمبر ڪامران اختر ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. ڪامران اختر چيو ته اسڪولن کي نه چار ديواري آهي ۽ نه ئي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. ڪامران اختر هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ جماعت اسلامي تي پابندي مڙهي وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪورنگي، اتحاد ٽائون، بلديا سميت مختلف اسڪول تعمير هيٺ ۽ چوڪيدار مقرر آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪياماڙي، ملير ٽائون ۾ مختلف اسڪول بائونڊري وال کانسواءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بائونڊري وال کانسواءِ ڪي ايم سي اسڪولن جي چار ديواري جلد ڪرائي ويندي جڏهن ته چوڪيدارن کي هٿيارن جا لائسنس ڏنا ويندا. ٽنڊو ڄام ۽ ڊيٿا ٽول پلازه تي مقرر سرڪاري ٽيڪس کان اضافي رقم وصول ڪرڻ تي فنڪشنل ليگ ميمبر نند ڪمار ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. نندڪمار چيو ته چاليهه رپين بدران 50 رپيا وصول ڪيا وڃن ٿا جنهن تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته مقامي ماڻهن کي ٽيڪس کان آجو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ڪمرشل گاڏين جي مالڪن کي ٽيڪس ڏيڻي پوندي ۽ وڌيڪ وصولي تي ڪارروائي ٿيندي. ايم ڪيو ايم ميمبر خواجا اظهار الحسن اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جي جوڙجڪ دير جو شڪار آهي. نصرت سحر عباسي چيو ته انتهائي سخت طريقيڪار سبب ميمبر پنهنجا مسئلا ايوان ۾ نه ٿا اٿاري سگهن، بزنس ايڊوائزري ڪميٽي بنا دير جوڙي وڃي. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته وقتي اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *